اپوزيشن اتحاد پاران حڪومت سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي قائم

اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم طرفان اپوزيشن کي ڳالهين جي آڇ کان پوءِ، اپوزيشن اتحاد حڪومت سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي  کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي۔ذريعن موجب محمود خان اچڪزئي، علامه ناصر عباس، ۽ مصطفيٰ نواز کوکر سميت اپوزيشن اتحاد جي قيادت ڳالهين واري ڪميٽي جو حصو هوندي۔ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جو ڪو به عهديدار مذاڪراتي ڪميٽي ۾ شامل نه هوندو، جڏهن ته اپوزيشن اتحاد ۾ اسد قيصر پارٽي جي نمائندگي ڪندو۔ذريعن مطابق مذاڪراتي ڪميٽي باقاعدي طور پنهنجو ايجنڊا جاري ڪندي، ان کان پوءِ رابطا ڪيا ويندا۔ان سان گڏ مذاڪراتي ڪميٽي ۾ ٻين جماعتن جي نمائندگي بابت به صلاح مشورا جاري آهن۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.