آرمي چيف کي قتل جون ڌمڪيون، پاڪستان جو برطانيا سان احتجاج

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان برطانيا ۾ ٿيل تازين سرگرمين تي سخت احتجاج ڪندي برطانوي هاءِ ڪميشن جي وقتي هاءِ ڪمشنر کي ڊي مارش ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ترجمان طاهر اندرابي موجب، وقتي برطانوي هاءِ ڪمشنر کي پرڏيهي آفيس طلب ڪيو ويو جتي کيس پاڪستان  جي خدشن کان آگاهه ڪيو ويو. ترجمان جو چوڻ هو ته هي ڊي مارش برطانيا جي شهر بريڊفورڊ ۾ پاڪستاني قونصل خاني جي ٻاهران ٿيل احتجاج ۽ برطانيا جي سرزمين تان پاڪستان جي سول ۽ عسڪري قيادت خلاف ڏنل نفرت جوڳن بيانن تي ڪيو ويو. پاڪستان انهن واقعن کي ناقابلِ قبول قرار ڏيندي برطانوي عملدارن آڏو احتجاج رڪارڊ ڪيو.  پرڏيهي کاتي موجب، پاڪستان برطانيا تي زور ڏنو آهي ته هو پنهنجي سرمين کي پاڪستان مخالف سرگرمين لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪي ۽ ذميوار عنصرن خلاف قانون موجب ڪارروائي يقيني بڻائي. پرڏيهي کاتي واضح ڪيو ته پاڪستان پنهنجي قيادت، ادارن ۽ قومي مفادن خلاف ڪنهن به قسم جي نفرت ڏياريندڙ سرگرمين کي برداشت نه ڪندو.  ان کان اڳ پاڪستان اڳ به ٻن ڄڻن جي حوالگي لاءِ برطانوي حڪومت سان رابطو ڪيو هو پر ان معاملي تي هيل تائين اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي.  ياد رهي ته پي ٽي آءِ برطانيا جي آفيشل ايڪس اڪائونٽ تان 23 ڊسمبر تي وڊيو جاري ڪئي وئي، وڊيو ۾ برطانوي سرزمين تي بيهي مظاهرين سرعام فيلڊ مارشل کي بم ڌماڪي ۾ قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي رهيا آهن. وڊيو ۾ نظر ايندڙ هڪ عورت چڙ ڏياريندڙ ڳالهين ۾ چيو ته ڪير به فيلڊ مارشل کي بم ڌماڪي ۾ قتل ڪري ڇڏيندو. پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ٽولرز ان ڌمڪي واري وڊيو کي پکيڙيو ۽ پنهنجن آفيشل اڪائونٽن تان شيئر ڪيو.

اسلام آباد (بيورو) پاڪستاني حڪومت طرفان برطانوي حڪومت کي خط لکي مطالبو ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا اڪائونٽن تي اهڙيون وڊيوز گردش ڪري رهيون آهن جن ۾ آرمي چيف کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، برطانيا اهڙن سڀني اڪائونٽن خلاف ڪارروائي  ڪري جيڪي پاڪستان ۾ دهشتگردي، تشدد ۽ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هوم آفيس کي لکيل خط ۾ چيو ويو ته اهڙو مواد نه بيانبازي آهي نه ئي سياسي آهي، اهو واضح طور تي گڏيل قومن جي ميمبر ملڪ جي اعليٰ فوجي شخصيت کي قتل تي ڀڙڪائڻ آهي. پي ٽي آءِ سان واڳيل پليٽ فارمن تان لاڳيتو ڏڦيڙ، تشدد جا سڏ ڏنا پيا وڃن. برطانيا قتل ۽ تشدد جا سڏ ڏيندڙن جي سڃاڻپ ۽ جاچ ڪري سندن خلاف ڪيس هلائي. پاڪستاني سرڪار خط ۾ چيو ته پي ٽي آءِ ۽ ان سان واڳيل پليٽ فارمن جي پاڪستان ۾ تشدد، نفرت ۽ وڏي پئماني تي بدامني پکيڙڻ جي جاچ ڪئي وڃي، پي ٽي آءِ تي فيصلائتي قانوني ۽ انتظامي ڪارروائي ڪئي وڃي جنهن ۾ ان تي پابندي به شامل هجي. وڌيڪ چيو ويو ته برطانيا ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته سندس سرزمين پاڪستان خلاف تشدد، بدامني ۽ دهشتگردي کي هٿي ڏيڻ لاءِ استعمال نه ٿئي، اهو معاملو برطانيا جي دهشتگردي ٽوڙ، عالمي قانون ۽ ذميوار رياستي طرز عمل لاءِ عزم جو امتحان به آهي. حڪومت جي لکل خط ۾ چيو ويو ته برطانيا جي خاموشي کي غير جانبداري نه سمجهيو ويندو ۽ ان جا  گڏيل اعتماد ۽ سهڪار تي ڳنڀير اثر پوندا، پاڪستان برطانيا سان پنهنجن لاڳاپن کي اهميت ڏئي ٿو ۽ اميد آهي ته ان معاملي کي فوري قانوني طور اڪلايو ويندو. مسلم ليگ ن جي ٻن مملڪتي وزيرن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته پاڪستاني حڪومت خط لکيو آهي. گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري ۽ ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو ته وڊيوز ۾ فوجن جي سربراهه کي ڌمڪي ڏني وئي آهي. هن معاملي ۾ اپوزيشن پارٽي پي ٽي آءِ جي ڪردار جو به ذڪر ڪيو ۽ پارٽي جو نالو ورتو. طلال چوڌري چيو ته هي ڪو سياسي معاملو ناهي، اظهار جي آزادي به ناهي. اهو عالمي قانون ۽ برطانوي قانون جي ڀڃڪڙي آهي.

لنڊن (م ڊ) پاڪستاني پرڏيهي وزارت جي ڊيمارش تي برطانوي هاءِ ڪميشن جي ترجمان جو جواب سامهون آيو آهي. برطانوي هاءِ ڪميشن جو چوڻ آهي ته برطانيا ۾ پوليس ۽ پراسيڪيوٽر حڪومت کان آزادانه طور تي ڪم ڪن ٿا، جيڪڏهن ڪنهن پرڏيهي حڪومت کي ڪنهن  ڏوهه جو شڪ آهي ته ثبوت پوليس رابطا ڪميٽي کي ڏنا وڃن. هاءِ ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته لاڳاپيل مواد جي برطانوي پوليس طرفان قانون مطابق جاچ ڪئي ويندي، ۽ جيڪڏهن قانون جي ڀڃڪڙي جوڳو مواد سامهون اچي ٿو ته مجرماڻي جاچ شروع ڪري سگهجي ٿي. برطانوي هاءِ ڪميشن جو چوڻ آهي ته هر معاملي کي برطانوي قانون تحت حل ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.