هڪ ڏينهن ۾ 22 سينچريون! وجئه هزاري ٽرافي ۾ بيٽرن جو راڄ، بالر بيوس، پچن جي معيار تي سوال اُٿڻ لڳا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي علائقائي ون ڊي ٽورنامينٽ ” وجئه هزاري ٽرافي“ شروع ٿيندي ئي رنسن ۽ سينچرين جا نوان رڪارڊ ٺهي ويا، جڏهن ته ان سان گڏوگڏ پچن جي معيار ۽ بالرن جي صلاحيتن تي سوال به اُٿي رهيا آهن.
وجئه هزاري ٽرافي جو نئون سيزن اربع کان شروع ٿيو،ٽورنامنٽ جي پهرئين ڏينهن ئ.ي ڪيترائي رڪارڊ ٺهي ويا.
پهرين ڏينهن 18 ميچون ٿيون، جنهن ۾ مجموعي طور 22 سينچريون اسڪور ڪيون ويون، جڏهن ته هڪ ميچ ۾ ڊبل سينچري پڻ ٺهي.
هي ٽورنامينٽ جي تاريخ ۾ هڪ ڏينهن دوران سڀ کان وڌيڪ سينچرين ٺاهڻ جو نئون رڪارڊ قائم ٿيو، ان کان اڳ ۾ 12 ڊسمبر 2021ع ۽ 3 جنوري 2025ع تي هڪ ڏينهن ۾ 19 سينچريون ٺهيون هيون.
پهرئين ڏينهن بهار جي ٽيم اروناچل پرديش خلاف 50 اوورز ۾ 574 رنسن جو رڪارڊ قائم ڪيو، جيڪو لسٽ اي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڏي ٽوٽل جو عالمي رڪارڊ بڻيو.
ميچ ۾ بهار جي ڪپتان ثاقب الغني 32 بالن تي سينچري اسڪور ڪئي، جڏهن ته ويڀَو سورياونشي 84 بالن تي 190 رنسون ٺاهي اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي ڪپتان اي بي ڊيويليئرز جي تيزي ترين ڏيڍ سئو رنسن وارو رڪارڊ پڻ ٽوڙي ڇڏيو.
ميچ ۾ اروناچل پرديش جي بالر ميبوم موسو 9 اوورن ۾ 116 رنسون ڏنيون ۽ لسٽ اي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ڏيڻ اڻوڻندڙ رڪارڊ قائم ڪيو.
ساڳئي ڏينهن ڪرناٽڪ جي ٽيم وجئه هزاري ٽرافي جي تاريخ جو سڀ کان وڏو 413 رنسن جو هدف حاصل ڪيو.
ان کانسواءِ اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي دهلي ۽ روهت شرما ممبئي لاءِ سينچريون اسڪور ڪيون.
اهڙي غير معمولي بيٽنگ کانپوءِ بالرن جي صلاحيتن ۽ پچن جي معيار تي سنجيدا سوال اُٿي رهيا آهن.
ڪيئي ميچن ۾ بالر مڪمل طور بيوس نظر آيا، جڏهن ته بيٽنگ لاءِ سازگار پچن تي بيٽرن رنسن جا انبار لڳائي ڇڏا
ماهرن جو چوڻ آهي ته هڪ طرفي بيٽنگ ڪنڊيشنز نه رڳو بالرن جي اعتماد کي متاثر ڪري رهيون آهن، پر ميچن جو توازن پڻ بگاڙي رهيون آهن.
ڪرڪيٽ حلقن ۾ بحث پڪڙي رهيو آهي ته علائقائي ڪرڪيٽ ۾ بيٽنگ فرينڊلي پچن جو رجحان حد کان وڌي ويو آهي، جنهن سبب بالرن کي پنهنجون صلاحيتون ڏيکارڻ جو مناسب موقعو نه پيو ملي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.