دوشنبي (ويب ڊيسڪ) تاجڪستان ۽ افغانستان جي گڏيل سرحد تي سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ دراندازن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 ڄڻا مارجي ويا.
تاجڪستان جي تخت گاهه دوشنبي مان جاري ٿيندڙ رپورٽ موجب افغانستان مان هٿياربند دهشتگردن ملڪ جي ڏکڻ اوڀر علائقي شمس الدين شاهين ۾ هڪ سرحدي چوڪي تي حملو ڪيو.
فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه سرحدي محافظ ۽ ٽي حملي آور مارجي ويا، جنهن کانپوءِ سرحدي محافظن دراندازن جي استعمال هيٺ هٿيار، گولا ۽ بارود قبضي ۾ وٺي ڇڏيو، جن ۾ دستي بم ۽ نائيٽ ويزن اوزار به شامل هئا.
تاجڪ قومي سلامتي ڪميٽي چيو ته اهو تازن هفتن ۾ ان نوعيت جو ٽيون واقعو آهي.
ان کان اڳ ساڳئي علائقي ۾ سون ۽ ٻين وسيلن جون کاڻون کڻندڙ هڪ ڪمپني جو ملازم چيني شهري به مارجي چڪو آهي.
تاجڪستان ان تازي واقعي کي طالبان حڪومت جي نااهلي ۽ غير ذميواري جو مظاهرو قرار ڏنو آهي.
دوشنبي طالبان تي الزام هنيو آهي ته اهي سرحدي سلامتي ۽ استحڪام بابت پنهنجون عالمي ذميواريون نڀائڻ ۾ ناڪام ٿي رهيا آهن.
You might also like