ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪي آر ايل (خان ريسرچ ليبارٽريز) پريزيڊينٽس ون ڊي ڪپ جي فائنل ۾ پي ٽي وي (پاڪستان ٽيليويزن) جي ٽيم کي چئن وڪيٽن سان شڪست ڏئي ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.
پاڪستان جي علائقائي ٽورنامينٽ ”پريزيڊينٽ ون ڊي ڪپ“ جو فائنل ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويو، جتي پي ٽي وي ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.
فائنل ۾ پي ٽي وي پهريان کيڏندي 41 هين اوور ۾ 164 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، شامل حسين 50 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته عماد بٽ 24 ۽ تيمور خان 23 رنسون ٺاهيون.
ڪي آر ايل طرفان سفيان مقيم ۽ احمد حسين 3، 3 وڪيٽون ورتيون.
پي ٽي وي جو 165 رنسن جو هدف ڪي آر ايل 35 هين اوور ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو، شاهزيب خان 53 رنسن سان نمايان رهيو، جڏهن ته ڪپتان افتخار احمد به 25 رنسون ٺاهيون.
پي ٽي وي جي فيصل اڪرم زبردست بالنگ ڪندي ٽي وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته علي عثمان کي ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون، پر هو پنهنجي ٽيم کي شڪست کان بچائي نه سگهيا.
ڪي آر ايل جي شاهزيب خان کي ميچ ۽ ڪپتان افتخار احمد کي ٽورنامينٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي تي بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
You might also like