گڏيل قومن جو بشريٰ بي بي جي حق ۾ وڏو بيان، پاڪستاني اختيارين کان اهم مطالبو

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي واقعه نگار اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي جيل ۾ موجوده صورتحال تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اتان جون حالتون سندس جسماني ۽ ذهني صحت لاءِ سنگين خطرو آهن.
تشدد ۽ ٻين ظالماڻن، غير انساني، توهين جوڳي روين يا سزائن جهڙن معاملن بابت گڏيل قومن جي واقعه نگار ايلس جل ايڊورڊز پنهنجي بيان ۾ چيو ته بشريٰ بي بي کي جن حالتن ۾ جيل ۾ رکيو ويو آهي، اهي سندس جسماني ۽ ذهني صحت لاءِ سنگين خطرن جو سبب بڻجي سگهن ٿيون.
هن پاڪستاني اختيارين تي زور ڏنو ته فوري طور قدم کنيا وڃن ته جيئن ان صورتحال کي بهتر بڻائي سگهجي.
ايلس جل ايڊورڊز، بشريٰ بي بي جيل ۾ صورتحال تي تبصرو ڪندي چيو ته اهڙيون حالتون مقرر ڪيل گهٽ ۾ گهٽ عالمي معيار کان تمام گهڻيون گهٽ آهن، ڪنهن به قيدي کي سخت گرمي، گدلي خوراڪ يا پاڻي يا اهڙين حالتن ۾ نه رکڻ گهرجي، جيڪي بيمارين ۾ واڌ جو سبب بڻجن.
سندس موجب رپورٽن مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته کيس اڪثر ڏينهن ۾ 22 ڪلاڪن کان وڌيڪ مڪمل اڪيلائي ۾ رکيو ويندو آهي، اختيارين کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته بشريٰ بي بي کي وڪيلن سان رابطي، گهر ڀاتين سان ملاقات جا موقعا فراهم ڪيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.