ملائيڪا شيراوت جي وائيٽ هائوس ۾ انٽري تي سڀ حيران، دعوت ڪيئن مليس؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ملائيڪا شيراوت وائيٽ هائوس جي ڪرسمس ڊنر ۾ شرڪت جون تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪري ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي.
اداڪارا جي خاص تقريب ۾ شرڪت تي واهپيدارن حيرت جو اظهار ڪندي سوال اٿاريو ته کيس ان تقريب ۾ ڪنهن شرڪت جي دعوت ڏني؟
ملائيڪا شيراوت انسٽاگرام تي وائيٽ هائوس ۾ ٿيل سالياني ڪرسمس ڊنر جون تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪيون.
اها تقريب محدود مهمانن ۽ مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ خاص شخصيت جي شرڪت سبب پنهنجي الڳ اهميت رکي ٿي.
شيئر ڪيل تصويرن ۾ ملائيڪا شيراوت وائيٽ هائوس جي ٻاهر ۽ داخلي رستي تي پوز ڏيندي نظر اچي ٿي.
اداڪارا وڊيوز به پوسٽ ڪيون، جن ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي مهمانن کي خطاب ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته هڪ تصوير ۾ تقريب جو باضابطا طور دعوت نامو به شامل هو.
پوسٽ جي ڪيپشن ۾ ملائيڪا شيراوت لکيو ته وائيٽ هائوس جي ڪرسمس ڊنر ۾ دعوت ملڻ ناقابل يقين آهي، ان تي ٿورائتي آهيان.
اداڪارا جي اهي تصويرون ۽ وڊيوز وائرل ٿي ويون، جنهن تي واهپيدارن حيرت جو اظهار ڪيو ته کيس ان تقريب جي دعوت ڪيئن ملي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.