واٽس ايپ هن وقت سڄي دنيا ۾ رابطي لاءِ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ ايپليڪيشن بڻجي چڪي آهي، جتي لکين ماڻهو روزاني بنيادن تي نه رڳو پيغام، پر تصويرون، وڊيوز ۽ اهم دستاويز به هڪٻئي سان شيئر ڪن ٿا.
پر گذريل ڪجهه مهينن دوران پاڪستان اندر واٽس ايپ هيڪنگ جا واقعا ڳڻتي جوڳي حد تائين وڌي ويا آهن، جيڪي عام ماڻهن لاءِ پريشاني جو سبب بڻجي رهيا آهن.
وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) موجب، پهرين جولاءِ 2024ع کان وٺي هيل تائين واٽس ايپ هيڪنگ بابت 1426 شڪايتون داخل ڪيون ويون آهن، جن مان رڳو 549 اڪائونٽس بحال ٿي سگھيا آهن، جڏهن ته باقي ڪيسن بابت جاچ جاري آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته اڄ جي ڊجيٽل دور ۾ جتي روزمره جي زندگي جو دارومدار آن لائين رابطن تي آهي، واٽس ايپ اڪائونٽ جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ هر واهپدار لاءِ انتهايي ضروري ٿي چڪو آهي.
هن رپورٽ ۾ اسان توهان کي اُهي ڏهه طريقا ٻڌائي رهيا آهيون جن تي عمل ڪندي اوهان هيڪرن کان محفوظ رهي سگهو ٿا.
ٻٽي تصديق (Two-Step Verification) کي فعال ڪريو
هي خاصيت صارف کي هڪ واڌو سيڪيورٽي ڪوڊ ڏيڻ جي اجازت ڏئي ٿي، جيڪو نئين ڊيوائس تي اڪائونٽ لاگ ان ڪرڻ کان اڳ داخل ڪرڻو پوندو ۽ هيڪرن لاءِ رستو بند ٿي ويندو.
رازداري جون سيٽنگز احتياط سان استعمال ڪريو
پنهنجي پروفائيل تصوير، آخري ڀيرو آن لائين هجڻ ۽ اسٽيٽس رڳو پنهنجن ڀروسي جوڳن ماڻهن تائين محدود رکو، جيئن اوپرا ماڻهو معلومات تائين رسائي حاصل نه ڪري سگهن.
ايپليڪيشن هميشه اپڊيٽ رکو
واٽس ايپ جا نوان ورزن نه صرف نيون خاصيتون پر سيڪيورٽي ۾ بهتري پڻ آڻين ٿا، پراڻي ورزن تي رهڻ سان اڪائونٽ خطرن کي منهن ڏئي سگهي ٿو.
شڪي پيغامن ۽ لنڪس کان پاسو ڪريو
ڪيترائي هيڪر جعلي پيغام يا لنڪس ذريعي واهپيدارن کي ٺڳڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، ڪنهن به اوپري لنڪ تي ڪلڪ ڪرڻ کان اڳ تصديق ضرور ڪريو.
واٽس ايپ ويب استعمال بعد لاگ آئوٽ ڪرڻ نه وساريو
واٽس ايپ ويب هڪ ڪارائتي سهولت آهي، پر هر استعمال کانپوءِ لاگ آئوٽ ضرور ڪريو ۽ وقت بوقت “Linked Devices” چيڪ ڪندا رهو.
سوشل ميڊيا تي ذاتي معلومات جا تفصيل محدود رکو
پنهنجو نمبر، رهائش، يا ذاتي ڄاڻ سوشل ميڊيا تي عام نه ڪريو، ڇو ته اِها معلومات هيڪرن لاءِ آسان نشانو بڻجي سگهي ٿي..
غير ضروري ايپس کي واٽس ايپ تائين رسائي نه ڏيو
ڪجهه ايپس واٽس ايپ جي ڊيٽا تائين رسائي گهرنديون آهن، سيٽنگز مان App Permissions جو جائزو وٺو ۽ رڳو ڀروسي وارن ايپس کي اجازت ڏيو.
ذاتي ۽ پروفيشنل نمبر الڳ رکو
جيڪڏهن ممڪن هجي ته ذاتي ۽ آفيس رابطن لاءِ ڌار نمبر رکو، هيءَ حڪمت عملي خاص طور صحافين، سرڪاري آفيسرن ۽ سوشل ميڊيا واهپيدارن لاءِ ڪارائتي آهي.
هيڪ ٿيل اڪائونٽ بابت فوري ڪارروائي ڪريو
جيڪڏهن اوهان کي شڪ آهي ته واٽس ايپ هيڪ ٿي ويو آهي، ته ترت ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم جي ويب سائيٽ تي شڪايت داخل ڪريو يا لاڳاپيل آفيس سان رابطو ڪريو.
احتياط ئي تحفظ آهي
واٽس ايپ هيڪنگ جي وڌندڙ خطري جي روشني ۾ هر صارف جي ذميواري آهي ته هو پنهنجي معلومات جي تحفظ کي سنجيدگي سان وٺي. معمولي احتياطن ذريعي اڪائونٽ کي نه رڳو محفوظ رکي سگهجي ٿو پر ٻين لاءِ به مثال قائم ڪري سگهجي ٿو.