ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، ٻه خارجي مارجي ويا

ڊيرا اسماعيل خان (ويب ڊيسڪ) ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ ٻه خارجي مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب 24 ڊسمبر تي سيڪيورٽي فورسز ڊيرا اسماعيل خان ضلعي جي علائقي ڪلاچي ۾ خارجين جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو.
سيڪيورٽي فورسز خارجين جي ٺڪاڻي کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو، جنهن ۾ ٻن خارجين کي ماريو ويو، مارجي ويل خارجي دلاور دهشتگردي جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث ۽ گهربل هو ۽ حڪومت سندس سر جي قيمت 40 لک رپيا مقرر ڪئي هئي.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته مارجي ويل خارجين جي قبضي مان هٿيار، گولا ۽ بارود به برآمد ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.