فلم ۽ ٽي وي جي دنيا هڪ وڏي ٽيڪنالاجي تبديلي جي ويجهو آهي، جتي هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالوجي (آرٽيفيشل انٽيليجنس) خاص طور تي وڊيو ٽولز جهڙوڪ ”اوپن اي آءِ“ جو ”سورا“ هالي ووڊ جي روايتي پروڊڪشن ماڊل کي بدلائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
ماهرن موجب، هي اي آءِ ٽولز نه رڳو فلمسازي جي طريقيڪار پر پوري شوبز انڊسٽريءَ جي ڍانچي کي متاثر ڪري سگهن ٿا. ٽيڪ نيوز ورلڊ موجب، اي آءِ وڊيو ٽولز ذريعي ڪجهه لفظن تي ٻڌل هدايتن (پرومپٽس) ڏئي انتهائي حقيقي منظر تخليق ڪري سگهجن ٿا، جيڪي ماضيءَ ۾ وڏي پروڊڪشن ٽيم، مهانگين ڪميرائن ۽ مشڪل سيٽ اپ کانسواءِ ممڪن نه هئا.
ان ٽيڪنالاجي ذريعي انڊيپينڊنٽ فلمسازن کي اها تخليقي آزادي ملي سگهي ٿي، جيڪا اڳ ڪروڙين ڊالر بجيٽ وارين فلمن تائين محدود هئي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته جنريٽو اي آءِ وڊيو رڪارڊنگ کي نه پر ان جي تخليق کي عام ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي ڪنهن به هنڌ تي شوٽنگ، اداڪارن، لائٽنگ ۽ اسپيشل افيڪٽس جي جاءِ تي هڪ تفصيلي پرومپٽ ئي ڪافي هوندو.
پر ان ترقيءَ سان گڏوگڏ خدشا به سامهون آيا آهن.
تحقيق موجب موجودا اي آءِ ٽولز ذريعي جعلي ۽ ورغلائيندڙ وڊيوز ٺاهڻ سولو ٿي ويو آهي، جنهن کي ماهرن ”صنعتي سطح تي غلط ڄاڻ جي تياري“ قرار ڏنو آهي.
ان کانسواءِ ڊيپ فيڪ ۽ سڃاڻپ چورائڻ جهڙا اخلاقي مسئلا به ڳڻتي جو ڪارڻ بڻجي رهيا آهن.
اقتصادي طور تي به هيءَ ٽيڪنالاجي وڏو اثر وجهي سگهي ٿي، جتي هڪ روايتي هالي ووڊ فلم ۾ 300 کان 500 ماڻهن تي ٻڌل عمل ڪم ڪري ٿو، اتي اي آءِ جي ذريعي اهو انگ 50 کان به گهٽجي ويندو.
ٽيڪنالاجي جي عام ٿيڻ فلمي عملي، اداڪارن ۽ يونينز ۾ بيچيني پيدا ڪري ڇڏي آهي.
ٻئي پاسي، ماهرن جو خيال آهي ته تبديلي تخليقي صلاحيت ختم نه ڪندي، پر طريقو بدلائي سگهي ٿي.
ماهرن موجب، مستقبل ۾ هدايتڪار ۽ سينماٽوگرافر جو ڪردار وڌيڪ اهم ٿيندو، ڇو ته اهي ئي انساني خيال ۽ اي آءِ وچ ۾ پل جو ڪم ڪندا.
رپورٽ موجب، في الحال سڀ کان وڏي رنڊڪ ڪمپيوٽنگ پاور ۽ لاڳت آهي ڇو ته ڊگهي دورانيي جي اعليٰ معيار واري اي آءِ وڊيو ٺاهڻ ڏاڍو مهانگو ڪم آهي، پر ٽيڪنالوجي ڪمپنين جي وچ ۾ تيز رفتار مقابلي سبب اِهو مسئلو عارضي سمجهيو پيو وڃي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته جيئن سال 1995 ۾ اينيميشن فلم ”ٽواءِ اسٽوري“ ڪمپيوٽر اينيميشن کي قبوليت ڏني، تيئن اي آءِ کي به پنهنجي ”ٽواءِ اسٽوري“ جي ضرورت آهي، يعني هڪ اهڙي مڪمل فلم جيڪا نقادن ۽ ناظرين ٻنهي کي قائل ڪري سگهي، جڏهن ڪو اي آءِ ذريعي تيار ڪيل فلم بهترين فلم جو آسڪر ايوارڊ حاصل ڪندي ته عالمي سطح تي اها تبديلي رد ڪرڻ ناممڪن بڻجي ويندي.
You might also like