بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين خميس ڏينهن آمريڪا تي الزام هنيو آهي ته اهو چين – ڀارت لاڳاپن ۾ بهتري روڪڻ جي ڪوشش تحت چين جي دفاعي پاليسي کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري رهيو آهي.
چيني پرڏيهي وزارت جو ترجمان لِن جيان هڪ پريس ڪانفرنس دوران ان سوال جو جواب ڏئي رهيو هو ته ڇا چين تڪراري سرحدي علائقن تي ڀارت سان تازي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جو فائدو کڻي آمريڪا ۽ ڀارت جي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ٿيڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو؟
چيو ته چين ڀارت سان پنهنجي لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ ۽ ڊگهي مدي جي نظر سان ڏسي ٿو ۽ سرحدي مسئلو چين ۽ ڀارت وچ ۾ ٻه طرفو معاملو آهي، اسان ڪنهن به ملڪ طرفان ان معاملي تي راءِ ڏيڻ جي مخالفت ڪيون ٿا.
اربع ڏينهن پينٽاگون هڪ رپورٽ ۾ چيو هو ته چين امڪاني طور تي ڇڪتاڻ گهٽجڻ جو فائدو کڻي ٻه طرفن لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ ۽ آمريڪا – ڀارت لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ٿيڻ کان روڪڻ چاهي ٿو.
You might also like