راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) چيف آف ڊيفنس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ڪرسمس جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندي مسيحي برادري کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير راولپنڊي جي ڪرائسٽ چرچ ۾ ڪرسمس جي تقريبن ۾ شرڪت ڪئي.
آءِ ايس پي آر چوڻ آهي ته آرمي چيف مسيحي برادري جي خوشين ۾ شرڪت ٿي ڪرسمس ملهايو، فيلڊ مارشل مسيحي برادري کي ڪرسمس جي دلِي مبارڪباد ڏني ۽ امن، هم آهنگي ۽ خوشحالي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل قائداعظم محمد علي جناح کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ باني پاڪستان جي برابري، آزادي ۽ مذهبي رواداري واري ويزن کي اجاگر ڪيو.
فيلڊ مارشل اقليتن جي حقن جي تحفظ کي پاڪستان جي نظريي جي بنياد قرار ڏنو.
آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير ڪرسمس جي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ قومي ترقي ۽ سلامتي ۾ پاڪستاني مسيحن جي خدمتن کي ساراهيو.
هن بين المذاهب هم آهنگي، گڏيل احترام ۽ اتحاد جي اهميت تي به زور ڏنو.
فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو ته پاڪستان جي طاقت هڪجهڙن موقعن ۽ آئيني قدرن ۾ آهي، برابريءَ جا موقعا ۽ آئيني قدر مذهب، نسل، ذات ۽ عقيدي کان مٿانهان آهن.
فيلڊ مارشل جي ڪرسمس تقريبن ۾ شرڪت: اقليتن جي حقن جو تحفظ پاڪستان جي نظريي جو بنياد قرار
You might also like