اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)آمريڪي رسالي فارين پاليسي پنهنجي تجزيي ۾ چيو آهي ته ٽرمپ جي نئين پرڏيهي پاليسي ۾ پاڪستان کي وڏي ڪاميابي سان ”وِنر“ ۽ ڀارت کي واضح طور ”لوزر“ قرار ڏنو ويو آهي.
آمريڪي رسالي فارين پاليسي پنهنجي مضمون ۾ لکيو آهي ته واشنگٽن ۾ توازن پاڪستان جي حق ۾ ڦري ويو آهي ۽ پاڪستان اهو حاصل ڪيو آهي، جيڪو ڪيترائي اتحادي به حاصل نه ڪري سگهيا، يعني اعتماد ۽ رسائي، آمريڪا جي نظر ۾ پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر قدر جوڳو ۽ ڪارائتو ڀائيوار بڻجي ويو آهي.
مضمون ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ٽرمپ جي ”ٽرانزيڪشنل“ فريم ۾ نتيجا ڏيندڙ سفارتڪاري ڪئي، ڪرپٽو ڪرنسي جهڙا معاملا به پاڪ-آمريڪا ڳالهه ٻولهه ۽ ڊيلز جو حصو بڻيا، اهم معدنيات تي سهڪار ۽ سودن تي به گفتگو جو به ذڪر آيو.
فارين پاليسي موجب، ٽرمپ جي عاصم منير سان ذاتي ويجهڙائي پاڪ-آمريڪا لاڳاپن جي اڳڀرائي جي اهم سبب آهي.
آرمي چيف عاصم منير جي قيادت پاڪستان جي واشنگٽن واپسي جو مرڪزي ٿنڀ بڻي، ٽرمپ جي آرمي چيف عاصم منير سان ويجهڙائي پاڪ-آمريڪا لاڳاپن کي نئون رخ ڏنو، واشنگٽن ۾ پاڪستان جو آواز عسڪري قيادت جي مدد سان ٻيهر وزن دار بڻيو، آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير جو ڪردار لاڳاپن جي اڳڀرائي ۾ اهم عنصر قرار ڏنو ويو، پاڪستان جي عسڪري قيادت سفارتڪاري ۾ اسٽرٽيجيڪ سرسي ڏياري.
رسالي ۾ چيو ويو آهي ته واشنگٽن ۾ پاڪستان جي اڳڀرائي ڀارت جي لاڳاپن کي ڪمزور ڪري ڇڏيو، جتي پاڪستان ٽرمپ جي وِنرز ۾ شامل ڏٺو ويو، اتي ڀارت لوزرز جي قطار ۾ بيٺل نظر آيو، واشنگٽن ۾ پاڪستان جي واپسي ڀارت لاءِ سفارتي ڌچڪو ثابت ٿي، ٽرمپ دور ۾ پاڪستان اڳتي، ڀارت دفاعي ۽ سرد مهري واري پوزيشن ۾ هليو ويو. پاڪستان سفارتي سرسي حاصل ڪئي ۽ ڀارت واپاري دٻاءُ هيٺ رهيو، آمريڪا-ڀارت لاڳاپا ٻن ڏهاڪن جي هيٺائين سطح تي پهچي ويا، صدر ٽرمپ ڀارت جي واپاري پاليسين تي مايوس آهي، ڀارت طرفان روسي تيل جي خريداري به واشنگٽن جي ڪاوڙ جو سبب بڻي، ڀارت تي 50 سيڪڙو ٽيرف برقرار آهن ۽ واپاري معاهدي تي اڃا تائين غير يقيني آهي.
هڪ ٻئي آمريڪي ميگزين دي ڊپلوميٽ ۾ ڇپيل مضمون ۾ پاڪستان کي عالمي ڌيان جو مرڪز قرار ڏنو ويو آهي.
مضمون ۾ چيو ويو آهي ته سال 2025 پاڪستان لاءِ اسٽرٽيجيڪ واپسي ۽ عسڪري اعتماد جو سال ثابت ٿيو آهي.
مضمون ۾ لکيو ويو آهي ته عسڪري قيادت رياستي سطح تي انتهاپسندي خلاف واضح ۽ مضبوط پيغام ڏنو ته جهاد جو اعلان ڪرڻ جو اختيار رڳو رياست وٽ آهي، آرمي چيف جو اِهو پيغام انتهاپسندي خلاف اهم سنگِ ميل آهي.
مضمون ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 2025 ۾ پاڪستان جي عسڪري قيادت رياستي مفادن جو ڀرپور تحفظ ڪيو، عسڪري قيادت جي واضح ويزن رياستي رِٽ کي مضبوط ڪيو، رياستي ظابطن کي هٿي ڏيارڻ عسڪري قيادت جو ڪردار نمايان رهيو. ڀارت سان مئي 2025 جي فوجي چڪرين عالمي توجهه حاصل ڪئي، ڀارت خلاف پاڪستاني فوجن جي ڪارڪردگي عسڪري توازن کي واضح ڪري ڇڏيو.
دي ڊپلوميٽ موجب، اندروني چئلينجن جي باوجود فوجي ڪارڪردگي پاڪستان جي اسٽرٽيجيڪ ساک ۽ ڊيٽرينس کي مضبوط ڪيو، پاڪستاني فوج محدود وسيلن باوجود اثرائتو ردِعمل ڏنو، ڀارت خلاف ڪامياب ڪارڪردگي پاڪستان جي عسڪري قيادت جي پيشيوراڻين صلاحيتن کي ظاهر ڪيو، پاڪستان جي فوجن ڀارت جي عسڪري مهم جوئي جو اثرائتو جواب ڏنو، پاڪستان جي فوجي ڪاميابين عالمي دفاعي ماهرن جي ڌيان حاصل ڪئي، 2025 ۾ پاڪستاني فوج عالمي عسڪري مباحثن ۾ ٻيهر مرڪزي حيثيت اختيار ڪئي، 2025 ۾ پاڪستان جي عسڪري ڪارڪردگي عالمي سطح تي اعتماد بحال ڪيو، عسڪري قيادت جي اثرائتن فيصلن سان پاڪستان جي اسٽرٽيجيڪ ساک بحال ٿي.
مضمون ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت خلاف ڪاميابي کانپوءِ پاڪ-آمريڪا لاڳاپن ۾ نمايان بهتري ڏسڻ ۾ آئي، پاڪ-ڀارت جنگ بعد ڀارت جي واشنگٽن سان لاڳاپن تي دٻاءُ وڌيو.
مضمون ۾ وچ اوڀر ۾ پاڪستان جي دفاعي معاهدن کي اسٽرٽيجيڪ اڳڀرائي قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته سعودي عرب سان وڏو گڏيل دفاعي معاهدو طئي ٿيو، هن دفاعي سهڪار پاڪستان جو علائقائي ڪردار مضبوط ڪيو، پاڪستان جي دفاعي سامان جي عالمي سطح تي طلب ۾ واڌارو ٿيو.
واضح رهي ته ان کان اڳ برطانوي رسالي فنانشل ٽائمز به چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير جي متاثر ڪندڙ شخصيت جو اعتراف ڪندي کيس بدلجندڙ عالمي نظام ۾ اثرائتو اسٽرٽيجيڪ اڳواڻ قرار ڏنو هو.
ٽرمپ جي نئين پرڏيهي پاليسي:فيلڊ مارشل عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪستان ” فاتح“ ۽ ڀارت ” لوزر“ قرار
You might also like