انگلش ٽيم کي وڏو جهٽڪو، اهم رانديگر ايشز سيريز مان ٻاهر ٿي ويو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ فاسٽ بالر جوفرا آرچر کاٻي پاسي اسٽرين سبب آسٽريليا خلاف آخري ٻن ايشز ٽيسٽ ميچن مان ٻاهر ٿي ويو، جنهن کانپوءِ انگلينڊ جو مايوس ڪندڙ دورو وڌيڪ ڏکيائين جو شڪار ٿي ويو آهي.
انگلش ڪرڪيٽ بورڊ موجب، فاسٽ بالر گس ايٽڪنسن کي جوفرا آرچر جي جاءِ تي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بيٽنگ آل رائونڊر جيڪب بيٿل کي به ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جيڪو ون ڊائون تي اولي پوپ جي جاءِ تي بيٽنگ ڪندو.
خراب فارم سبب اولي پوپ کي چوٿين ٽيسٽ مان ڊراپ ڪيو ويو آهي، هن سيريز ۾ اولي پوپ جي بهترين اننگز پرٿ ٽيسٽ ۾ 46 رنس رهي، جڏهن ته اوپنر بين ڊڪٽ گهٽ رنسن ٺاهڻ باوجود ٽيم ۾ پنهنجي جاءِ برقرار رکڻ ۾ ڪامياب رهيو، بين ڊڪٽ 6 اننگزن ۾ 97 رنسون ٺاهيون، جن ۾ سندس وڌ ۾ وڌ اسڪور 29 رهيو.
ٻئي پاسي انگلينڊ ٽيم جي ڊائريڪٽر راب ڪي تصديق ڪئي آهي ته ٻي ۽ ٽِين ٽيسٽ جي وچ واري وقفي دوران رانديگرن جي حد کان وڌيڪ شراب واپرائڻ بابت رپورٽن جو جائزو ورتو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.