نوابشاهه(ڊ ر) ملڪ جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو عورتون ھاڻي شاخن، بندن، بئراجن تي بيلداري جي نوڪري ڪنديون، يعني شاخن، بندن، بئراجن جي ٽاپن تي صفائي، ڇٽڪار، ٽاپن جي کڏن کٻن جي مرمت به ڪنڍيون، ايل بي او ڊي ڊويزن نوابشاهه جي ايڪس اي اين سلمان آفريدي ڇھن عورتن کي آفر آرڊر جاري ڪري جوائن به ڪرائي ڇڏيو، بيلداري جي نوڪري وٺندڙ عورتن ۾ سپنا ڌيءَ مرلي داس، حنا ديوي زال راجيس ڪمار، رابعا زال نظر عالماڻي، ردا ڌيءَ محمد ابراهيم، سڪينه ڌيءَ مظفر حسين، نازيه سڪندر ڌيءَ سڪندر سولنگي شامل آهن، ساڳي طرح آبپاشي کاتي جي داد ڊويزن ۽ نصرت ڊويزن ۾ ھڪ ھڪ عورت کي پڻ بيلداري جي نوڪري سان نوازيو ويو، شهرين ۽ سڄاڻ ڌرين پاران سوال اٿاريو ويو آهي ته ڇا اهي آفيسر عورتون بندن، واھن،بئراجن ،ٽيوب ويلن ڏينهن رات نوڪريون ڪيئين ڪنديون، رابطو ڪرڻ تي ايس اي اين ان ڳالهه جي تصديق ڪئ ته بندن، بئراجن، ٽيوب ويلن جي نگراني لاءِ حڪومت پاران پھريون ڀيرو بيلداري جون نوڪريون ڏنيون ويون آهن.