اسلام آباد(بيورو)پاڪستان بار ڪائونسل پنجاب پروٽيڪشن آف پراپرٽي قانون جي معطلي جو آڌرڀاءُ ڪندي عدالت سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته وزيراعليٰ پنجاب مريمنواز جي بيان تي تنقيد به ڪئي آهي.وائس چيئرمين پاڪستان بار ڪائونسل طاهر نصرالله وڙائچ پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڊي سي جي ماتحت ڪميٽين کي جائيداد تڪرارن جا اختيار ڏيڻ آئين ۽ قانون جي خلاف آهي. هن چيو ته نئون آرڊيننس عدالتي بالادستي، شهري حقن ۽ سول نظام کي ڪمزور ڪري ٿو.هن وڌيڪ چيو ته زيرِسماعت ڪيسن ۾ ريوينيو آفيسر وسيلي قبضو ڏيارڻ عدالتي اختيارن تي سڌو حملو آهي. پٽواري ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن کي دائري اختيار کان وڌيڪ اختيار ڏيڻ قبول ناهي.طاهر نصرالله وڙائچ جو چوڻ آهي ته قانونن جي تشريح جو اختيار آئيني طور صرف عدليه وٽ آهي، ۽ چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ کي عبوري حڪم جاري ڪرڻ جو مڪمل آئيني اختيار حاصل آهي.