ضلعي مٽياري ۾ صحت جي بهتري ڏانهن اهم قدم

تحرير: ماريا اسماعيل

ضلعو مٽياري حيدرآباد جي ويجهو واقع آهي، جنهن جي ڪُل آبادي تقريباً 8 لک 49 هزار 383 تي ٻڌل آهي. هي ضلعو گهڻي حد تائين ٻهراڙِي علائقن تي ٻڌل آهي، جتي ٻهراڙي جي آبادي 6 لک 46 هزار 710 ۽ شهري آبادي 2 لک 2 هزار 673 آهي. ٻهراڙي جي آباديءَ جي اڪثريت سبب هتي صحت، خاص طور تي ماءُ ۽ ٻار جي صحت، هڪ وڏو چئلينج رهي آهي.آغا خان يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ فار گلوبل هيلٿ اينڊ ڊولپمينٽ (IGHD) طرفان ڪراچي جي صحافين کي مٽياري ريسرچ اينڊ ٽريننگ سينٽر جو مطالعاتي دورو ڪرايو ويو. هن دوري جو مقصد علائقي ۾ جاري ڪميونٽي آئوٽ ريچ سرگرمين ۽ صحت سان لاڳاپيل مختلف منصوبن جو ويجهو مشاهدو ڪرائڻ هو. هي دورو ڊاڪٽر ذوالفقار اي ڀُٽو ۽ ڊاڪٽر جي داس جي قيادت هيٺ منعقد ڪيو ويو.

آغا خان يونيورسٽي هن مرڪز کي ان ويزن تحت قائم ڪيو آهي ته زچگي ۽ ٻارن جي موت جي شرح ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي، مقامي سطح تي تربيت يافته هيلٿ اسٽاف تيار ڪيو وڃي ۽ صحت سان لاڳاپيل مسئلن تي تحقيق ۽ ڊيٽا گڏ ڪري بهتر پاليسي سازي ۾ مدد فراهم ڪئي وڃي. هي مرڪز ضلعي مٽياري ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ صحت جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

ٽريننگ سينٽر تحت ليڊي هيلٿ ورڪرز، نرسز، دائيون (Midwives)، ڪميونٽي هيلٿ ورڪرز سان گڏوگڏ ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن کي جديد طبي ڄاڻ مُهيا ڪئي وڃي ٿي. انهن تربيتي پروگرامن ۾ محفوظ زچگي، نون ڄاول ٻارن جي سنڀال، غذائيت ۽ بيمارين کان بچاءَ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ٿو. هن تربيت جو بنيادي مقصد اهو آهي ته ٻهراڙِي عورتن کي پنهنجي ئي علائقي ۾ محفوظ ۽ بهتر طبي سهولتون ميسر ٿي سگهن.مٽياري ٽريننگ سينٽر خاص طور تي حامله عورتن جي ولادت کان اڳ واري سنڀال، محفوظ زچگي، ٻارن جي ويڪسينشن، غذائي کوٽ (Malnutrition) ۽ نون ڄاول ٻارن جي سنڀال تي ڌيان ڏئي ٿو. اهي اهي شعبا آهن، جيڪي ٻهراڙِي سنڌ ۾ صحت جا سڀ کان وڏا چئلينج سمجهيا وڃن ٿا.

هي مرڪز رڳو تربيت تائين محدود ناهي، پر هتي صحت سان لاڳاپيل تحقيقي مطالعا پڻ ڪيا وڃن ٿا. گهرن ۽ ڪميونٽين ۾ آگاهي سيشن منعقد ڪيا وڃن ٿا ۽ عورتن ۽ خاندانن کي صحت بابت شعور ڏنو وڃي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ مقامي ماڻهن ۾ صحت بابت سمجهه ۽ ڄاڻ ۾ واضح اضافو ٿيو آهي.آغا خان ٽريننگ سينٽر جي قيام سان مقامي ماڻهن کي روزگار جا موقعا مليا آهن، عورتن کي ويجهي ۽ معياري طبي رهنمائي حاصل ٿي آهي ۽ صحت بابت اعتماد ۽ آگاهي ۾ نمايان واڌ آئي آهي.

ان موقعي تي ڊاڪٽر ذوالفقار اي ڀُٽو بريفنگ ڏيندي چيو ته هو حڪومت کان مدد وٺڻ بدران حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿا. هن ٻڌايو ته شروعات ۾ هنن مخدوم خاندان سان ڳالهه ٻولهه ڪري واضح ڪيو ته سندن ڪم ڪرڻ جي طريقيڪار ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت يا سفارش شامل نه هوندي. ڊاڪٽر ذوالفقار ڀُٽي موجب، گذريل 30 سالن دوران کين ڪنهن به مقامي سياستدان طرفان دٻاءُ يا سفارش جو سامنا ناهي ڪرڻو پيو، جيڪو سندن لاءِ فخر جي ڳالهه آهي.هن چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته حڪومت سان گڏ ڪم ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي. مٽياري ۾ غذائي کوٽ، ماءُ ۽ ٻار جي صحت ۽ آگاهي جهڙن اهم مسئلن تي ڪم لاءِ وسيلن جي سخت کوٽ هئي، پر ليڊي هيلٿ ورڪرز ذريعي ڪميونٽي سان گڏجي پنجن سالن جو منصوبو ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ نون ڄاول ٻارن جي موت جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي آئي.

ضلعي مٽياري جي علائقي ڀٽ شاهه جي ڳوٺ اجن شاهه جي عورتن ٻڌايو ته هن مرڪز جي بدولت  ٻهراڙي جي علائقن ۾ صحت بابت روين ۾ مثبت تبديلي اچي رهي آهي. هنن چيو ته اڳ زچگي دوران شديد مسئلا پيش ايندا هئا، ڇاڪاڻ ته اسپتال پري هوندا هئا ۽ مائرن ۾ آگاهي جي کوٽ هوندي هئي، جنهن سبب ٻارن ۾ مختلف بيماريون پيدا ٿينديون هيون. پر هاڻي علائقي ۾ ٽي ليڊي هيلٿ ورڪرز ڪم ڪري رهيون آهن، جيڪي آگاهي سيشن پڻ ڪرائن ٿيون، جنهن سان مائرن کي صحت بابت گهڻي ڄاڻ ملي آهي ۽ ماءُ ۽ ٻار ٻنهي جي صحت تي مثبت اثر پيو آهي. ڊاڪٽر جي داس موجب، انهن منصوبن جي بدولت عورتن ۽ ٻارن جي صحت، تعليم ۽ مجموعي معيارِ زندگي ۾ بهتري آئي آهي. ديهن جي عورتن کي اڳ جيڪي مسئلا درپيش هئا، ليڊي هيلٿ ورڪرز جي مدد سان انهن تي وڏي حد تائين ضابطو آندو ويو آهي.

جيتوڻيڪ هي مرڪز نمايان خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، پر اڃا به ڪيترائي چئلينج موجود آهن، جن ۾ پري پيل ڳوٺن تائين رسائي، وسيلن جي کوٽ ۽ عوامي سطح تي صحت بابت غلط تصورن جو هجڻ شامل آهي. انهن مسئلن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.مجموعي طور تي ضلعي مٽياري ۾ آغا خان يونيورسٽي جو ٽريننگ سينٽر هڪ مثالي ۽ قابلِ تقليد ماڊل آهي، جيڪو نه رڳو صحت جون سهولتون بهتر بڻائي رهيو آهي، پر مقامي سطح تي صلاحيت سازي ۽ تحقيق جي ذريعي ڊگهي مدي واري مثبت تبديلي جي بنياد پڻ رکي رهيو آهي. جيڪڏهن هن ماڊل کي وڌيڪ وسعت ڏني وڃي ته ٻهراڙي  ۾ صحت سان لاڳاپيل ڪيترن ئي مسئلن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو.

مجموعي طور تي ضلعي مٽياري ۾ آغا خان يونيورسٽي جو ٽريننگ سينٽر هڪ مثالي ۽ قابلِ تقليد ماڊل آهي، جيڪو نه رڳو صحت جون سهولتون بهتر بڻائي رهيو آهي، پر مقامي سطح تي صلاحيت سازي ۽ تحقيق جي ذريعي ڊگهي مدي واري مثبت تبديلي جي بنياد پڻ رکي رهيو آهي. جيڪڏهن هن ماڊل کي وڌيڪ وسعت ڏني وڃي ته ٻهراڙي ۾ صحت سان لاڳاپيل ڪيترن ئي مسئلن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.