لاهور (ويب ڊيسڪ) اداڪارا آمنه ملڪ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ٻي گهرواري ريحام خان تي سخت تنقيد ڪئي آهي، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي.
ڪيترن ئي ڊرامن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريندڙ آمنه ملڪ ميزبان طور به مختلف شوز ڪري چڪي آهي، جڏهن ته هوءَ هن وقت به هڪ خانگي ٽي وي چينل جي مارننگ شو جي ميزباني ڪري رهي آهي.
ويجهڙ هن هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي، جتي هن ميزبان جي سوالن جا تفصيلي جواب ڏنا.
ان دوران هن پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ٻي گهرواري بابت پنهنجي اڳئين بيان جي وضاحت ڪئي ۽ ريحام خان بابت پڻ پنهنجا ويچار ونڊيا.
اداڪارا جو چوڻ هو ته هوءَ عمران خان کي ٻيهر جمائما خان سان گڏ ڏسڻ چاهي ٿي، ڇو ته جمائما انتهائي ٻاجهاري ۽ ساکائتي عورت آهي، جنهن پنهنجي اڳوڻي مڙس سان پنهنجي رشتي بابت هميشه احترام جو مظاهرو ڪيو آهي.
ريحام خان بابت سوال تي آمنه ملڪ چيو ته هوءَ ان معاملي تي ڪو به تبصرو نٿي ڪرڻ چاهي، جڏهن ته ريحام خان جو رويو ٻاجهارو ناهي رهيو.
اداڪارا عمران خان بابت ريحام خان جي لکيل ڪتاب جو حوالو ڏيندي چيو ته جيتوڻيڪ هن اهو ڪتاب ناهي پڙهيو پر پنهنجي مڙس بابت ڪتاب ۾ لکڻ سٺو عمل نه آهي.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪو رشتو ختم ٿي وڃي ته خاموشي اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ هڪ ٻئي بابت توهين جوڳيون ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن.