راجسٿان جي ضلعي جالور جي هڪ ڳوٺ جي پنچائت تڪراري فيصلو ڪندي 15 ٻهراڙين ۾ عورتن جي سمارٽ فون، خاص طور ڪيمرا واري فون جي استعمال تي پابندي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پنچائت جي فيصلي موجب اها پابندي گهرن تائين محدود نه هوندي پر شادين، سماجي تقريبن ۽ ٻاهر اچ وڃ دوران به سمارٽ فون جي استعمال جي اجازت نه هوندي پر اسڪول ويندڙ ڇوڪرين کي تعليمي مقصدن لاءِ گهر اندر موبائل فون استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، جڏهن ته اهي به عوامي هنڌن يا تقريبن ۾ موبائلون نه کڻي وينديون.
اهو فيصلو غازي پور ڳوٺ ۾ چوڌري برادري جي هڪ اجلاس دوران ڪيو ويو، جنهن جي صدارت سوجن رام چوڌري ڪئي.
اها پابندي 26 جنوري تائين لاڳو رهندي، جنهن تحت عورتون رڳو ڪي پيڊ موبائل فون استعمال ڪري سگهنديون.
سوجن رام چوڌري موجب برادري جي ماڻهن سان تفصيلي مشاورت کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو، ان قدم جو مقصد ٻارن تي موبائل فون جي ناڪاري اثرن کان بچاءَ، خاص طور اکين جي حفاظت آهي.
هن وڌيڪ وضاحت ڪئي ته ڪجهه عورتون گهريلو ڪمن دوران ٻارن کي مصروف رکڻ لاءِ موبائل فونز ڏئي ڇڏينديون آهن، جنهن سبب ٻار گهڻو وقت اسڪرين تي گذاريندا آهن، اها ئي صورتحال فيصلي جو سبب بڻي.
پنچائت جي ان فيصلي تي مختلف ڌريون تنقيد ۽ مخالفت ڪري رهيون آهن، ڪيترن ئي ماڻهن ان کي عورتن جي آزادي ۽ شخصي حقن جي خلاف قرار ڏنو.
You might also like