برلن (ويب ڊيسڪ)جرمني جو اڳوڻو مشهور فٽبالر سيباسٽين هرٽنر، مونٽي نيگرو جي هڪ اسڪي ريزورٽ ۾ پيش آيل ڏکوئيندڙ حادثي ۾ حياتي وڃائي ويٺو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، اهو ڏکوئيندڙ واقعو فٽبال جي دنيا کي سوڳ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو، جڏهن ته حادثي وقت سندس گهرواري به ساڻس گڏ موجود هئي، جيڪا سخت زخمي ٿي پئي آهي.
رپورٽن موجب، 34 ورهين جو سيباسٽين هرٽنر مونٽي نيگرو جي اترين علائقي زابلياڪ ويجهو ساوِن ڪُڪ اسڪي ريزورٽ ۾ پنهنجي زال سان گڏ لفٽ تي سوار هو، جتي اوچتو اسڪي لفٽ جي ڪرسي ڪيبل کان ڌار ٿي وئي ۽ پويان ايندڙ لفٽ سان ٽڪرائجي وئي.
افسوسناڪ حادثي ۾ فٽبالر اٽڪل ستر ميٽر جي بلندي کان هيٺ ڪِري پيو ۽ ٿڏي تي ئي دم ڏئي ڇڏيو.
اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته حادثي جا منظر ڏاڍا ڀوائتا هئا، هرٽنر جي گهرواري مڙس کي پنهنجي آڏو ڪِرندي ڏٺو، هوءَ پاڻ لفٽ ۾ ڦاسي پئي ۽ سندس ڄنگهه ٽٽي پئي.
امدادي ٽيمون ڪيترن ڪلاڪن کان پوءِ کيس ريسڪيو ڪري طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو.
رپورٽس موجب، حادثي سبب گهٽ ۾ گهٽ ٽي ٻيا سياح به لفٽ ۾ ڦاٿل رهيا، جن کي بعد ۾ ريسڪيو ٽيمن محفوظ هنڌ تي منتقل ڪيو.
مونٽي نيگرو جي مقامي اختيارين واقعي کانپوءِ اسڪي لفٽ بند ڪري ڇڏي ۽ حادثي جا ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.