پوليس جي وردي ڇو پاتي؟ صبا قمر خلاف قانوني ڪارروائي جي درخواست

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي مقامي عدالت ۾ اداڪارا صبا قمر خلاف پوليس جي وردي پائي وڊيو ٺاهڻ تي قانوني ڪارروائي جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي.
لاهور جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ شهري وسيم زوار طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته صبا قمر هڪ وڊيو ۾ ايس پي جي وردي پائي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پوليس جي وردي پهرڻ تي پابندي آهي ۽ اداڪارا جي اهڙي عمل سبب پنجاب پوليس جي مورال ۽ اداري جي ساک کي ڇيهو رسيو آهي.
درخواست ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ان معاملي تي پوليس کي آگاهه ڪيو ويو، پر اڃا تائين اداڪارا خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي وئي.
درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته اداڪارا خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.
سيشن عدالت شروعاتي ٻڌڻي کانپوءِ پراڻي انارڪلي ٿاڻي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي پوليس طرفان رپورٽ پيش ٿيڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.