سکر (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان اسٽيبلشمينٽ ۽ بيورو ڪريسي کي دشمن نٿا سمجهون، ڪنهن اداري يا حڪمران جي غلطي کي غلط چوڻ اسان جو حق آهي.
سکر ۾ دستار فضيلت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جي ملڪ سان وفاداري ۽ دوستي کي تسليم ڪيو وڃي، خوشامدي سياست ناهيون ڪندا، حق جي ڳالهه ڪندا آهيون.
هن چيو ته حڪمران بنا سمجهه جي آمريڪي سوچ تي هلن ٿا، حڪمران اولهه نه اسلام جي پيروي ڪن، ديني مدرسا قائم ۽ جي يو آءِ جي جدوجهد جاري رهندي.
اسٽيبلشمينٽ کي دشمن نٿا سمجهون پر غلط کي غلط چوڻ اسان جو حق آ: مولانا فضل الرحمان
You might also like