بئنگلورو (ويب ڊيسڪ)ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي هم وطن ليجنڊري بيٽر سچن ٽنڊولڪر کان هڪ ٻيو اعزاز کسي ورتو آهي.
ويرات ڪوهلي ڀارت جي علائقائي ون ڊي ٽورنامينٽ ”وجئه هزاري ٽرافي“ ۾ دهليءَ جي نمائندگي ڪري رهيو آهي.
هن اڄ بئنگلورو ۾ کيڏيل ميچ دوران سينچري اسڪور ڪئي، جيڪا لسٽ اي ڪرڪيٽ ۾ سندس 58هين سينچري آهي.
ان کانسواءِ اسٽار بيٽر ان دوران لسٽ اي ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين 16 هزار رنسون مڪمل ڪندڙ رانديگر جو اعزاز پڻ پنهنجي نالي ڪيو.
ويرات ڪوهلي اهو ڪارنامو پنهنجي 330هين اننگز ۾ انجام ڏنو، جڏهن ته ان کان اڳ اهو اعزاز سچن ٽنڊولڪر وٽ هو، جنهن 391 اننگزن ۾ 16 هزار رنسون ٺاهيون هيون.
ياد رهي ته ويرات ڪوهلي کي اڳ ئي لسٽ اي ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين 10، 11، 12، 13، 14 ۽ 15 هزار رنسون ٺاهڻ جو اعزاز حاصل آهي.