عمار سولنگي جو ايڪس اڪائونٽ مقصد پورو ٿيڻ تي بند؟

اسلام آباد (حماد حسن) جيڪي دوست ايڪس (ٽوئيٽر) استعمال ڪن ٿا، انهن ڏٺو هوندو ته عمار سولنگي نالي اڪائونٽ اوچتو ڊي ايڪٽيويٽ ٿي ويو. ڪجهه ڏينهن اڳ ابصار عالم ٽوئيٽ ڪيو ته ميجر جنرل فيصل نصير کي ڊي جي آءِ ايس آءِ بڻايو ويندو، جنهن تي عمار سولنگي جي اڪائونٽ تان جواب آيو. ان سبب ماڻهن کي اهو تاثر مليو ته اهو اڪائونٽ ميجر جنرل فيصل نصير جو آهي. اصل ۾ اهو اڪائونٽ نه ميجر جنرل فيصل نصير جو هو ۽ نه ڪنهن سرڪاري شخص جو. ان جي لوڪيشن ملڪ کان ٻاهر هئي. ان اڪائونٽ ذريعي منظم نموني سان خبرون ۽ بيانيا ماڻهن تائين پهچايا ويا، جيئن اڳ ۾ ڪجهه خبرون صحافين ذريعي پلانٽ ڪيون وينديون هيون. جڏهن مقصد پورو ٿيو ته اڪائونٽ بند ڪيو ويو. اها سڄي ڪهاڻي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.