دشمن واضح ٽڪراءُ بدران پراڪسيز ذريعي مبهم طريقا اختيار ڪري رهيو آهي\فيلڊ مارشل

راولپنڊي(م ڊ)چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل مارشل عاصم منير چيو آهي ته دشمن عنصر هاڻي سڌي ٽڪر بدران اڻ سڌي ريت مبهم طريقا اختيار ڪري رهيا آهن.انهن مبهم طريقن ۾، اندروني ڪمزوريون استعمال ڪرڻ لاءِ پراڪسيز  جو استعمال شامل آهي، فيلڊ مارشل نيشنل ڊفينس يونيورسٽي (اسلام آباد) جو دورو ڪيو.نيشنل سيڪيورٽي اينڊ وار ڪورس جي سول ۽ عسڪري پينلز پاران قومي سلامتي کي درپيش چيلنجز تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.فيلڊ مارشل جو چوڻ هو ته ملڪ کي وسيع ۽ مسلسل نوعيت جا چيلنجز درپيش آهن.اهي چيلنجز مختلف شعبن تي اثر انداز ٿي رهيا آهن:انهن سان مقابلي لاءِ همه جهتي تياري ۽ قومي طاقت جي سڀني عنصرن جي هم آهنگي ضروري آهي،هن چيو ته  مستقبل جي رهنمائن کي چيلنجز کي سڃاڻڻ ۽ مقابلي جي تربيت ڏيڻ لازمي آهي.دشمن عنصر کلي ٽڪر کان بچي، مبهم ۽ بالواسطه طريقا اختيار ڪري رهيا آهن، هن چيو ته پيشيوراڻي عسڪري تعليم ادارتي صلاحيت مضبوط ڪرڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪري ٿي.اها طويل المدتي قومي استحڪام کي يقيني بڻائڻ ۾ پڻ اهم آهي.شرڪت ڪندڙن کي تلقين ڪئي وئي ته:ديانت، نظم و ضبط، ۽ بي لوث خدمت جي اقدار کي برقرار رکو،چوڪس، تيار ۽ ثابت قدم رهو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.