بلوچستان ۾ اسٽيبلشمينٽ خلاف ڪاوڙ جا سرفراز بگٽي ۽ انوارالحق ذميوار؟

اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) بلوچستان جي سياسي صورتحال بابت مير خدا بخش مري چيو آهي ته صوبي ۾ سياسي قوتون اڳتي وڌي رهيون آهن، پر عوام ۾ اسٽيبلشمينٽ خلاف وڌندڙ ناراضگي هڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه بڻجي وئي آهي. هن الزام هنيو ته بلوچستان ۾ اداري خلاف ڪاوڙ جو ذميوار اڳوڻو نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ اڳوڻو وزيراعليٰ سرفراز بگٽي آهن. چيو ويو آهي ته ماضي ۾ نواب اڪبر بگٽي ۽ اڳوڻي صدر پرويز مشرف وچ ۾ جيڪي اختلاف پيدا ٿيا، انهن ۾ سرفراز بگٽي جي والد جو اهم ڪردار رهيو هو. مزمل سهروردي جي ڊجيٽل پروگرام ۾ سوالن جا جواب ڏيندي خدا بخش مري چيو ته جڏهن به سرفراز بگٽي اقتدار ۾ اچي ٿو ته بلوچستان جون حالتون وڌيڪ خراب ٿي وڃن ٿيون. سرفراز بگٽي جي دور ۾ ڪرپشن ۽ دهشتگردي ۾ واڌ ٿي آهي، اهو مان چئلينج سان چئي سگهجان ٿو. مان ڪڏهن سندن ذات تي تنقيد ناهي ڪئي، سياسي تنقيد ڪئي آهي. وڌيڪ چيو ويو آهي ته لفظ رياست پوري پاڪستان ۾ ايترو استعمال نه ٿيو آهي جيترو انهن ٻنهي اڳواڻن طرفان ڪيو ويو، جنهن سبب عوام جي ذهنن ۾ اهو تاثر پيدا ٿيو آهي ته صوبي ۾ ٿيندڙ هر ڪارروائي فوج طرفان ڪئي پئي وڃي. بيان ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن سرفراز بگٽي ۽ انوارالحق ڪاڪڙ وٽ اختيار ناهن ته هو عهدن تان استعيفيٰ ڏئي گهر هليا وڃن. سرفراز بگٽي ۽ انوار ڪاڪڙ ٻنهي جي دور ۾، بلوچستان ۾ ايراني تيل جي اسمگلنگ ۽ معدني ٺيڪا انهن جي ويجهن ساٿين جي هٿن ۾ رهيا. رياست جو ڪم ماڻهن جي حفاظت ڪرڻ آهي، ۽ جيڪي سياستدان هن مقصد جي خلاف وڃي رهيا آهن اهي بلوچستان جي ماڻهن کي نقصان پهچائي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.