ڪرڪ ۾ موبائل تي حملو،5 اهلڪار شهيد

پشاور(م ڊ)ڪرڪ جي علائقي بامي بانڊه گرگري جي ويجهو پوليس موبائل تي حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ 5 اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته جوابي  ڪارروائي ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا۔ڊسٽريڪٽ پوليس ڪرڪ ۽ سي ٽي ڊي کوهاٽ ريجن جا آفيسر ۽ جوان واقعي واري هنڌ تي پهچي دهشتگردن جو تعاقب ڪيو، ۽ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 8 دهشتگرد مارجي ويا، دهشتگردن مان هڪ جي سڃاڻپ عارف عرف ڊان جي نالي سان ٿي، جيڪو علائقي ۾ دهشتگرداڻين سرگرمين ۾ ملوث ۽ گهربل هو۔ڪرڪ ضلعي ۾ پوليس موبائل تي فائرنگ جي واقعي ۾ 5 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن ڊي پي او ڪرڪ سعود خان فائرنگ واري واقعي ۾ پنجن پوليس اهلڪارن جي شهادت جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته پوليس موبائل ۾پنج ئي اهلڪار سوار هئا۔پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ تي پوليس جي وڏي نفري موڪلي وئي آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.