ڌانڌلي ذريعي آيل حڪمرانن سان جهيڙو آ:فضل الرحمان

لاڙڪاڻو (بيورو)  لاڙڪاڻي ۾ دستار فضيلت ڪانفرنس کي خطاب چيو آهي ته جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جنهن ماحول ۾ اڳتي وڌي رهيا آهيون، ملڪ کي اسلامي جمهوريه پاڪستان بڻائڻ لاءِ جمعيت علماءِ اسلام ف ميدان ۾ لهندي. اسان هن ملڪ کي انهن حڪمرانن جي رهم ڪرم تي نٿا ڇڏي سگهون، هي حڪمران ڌانڌلي سان آيا آهن، عوامي راءِ کي تبديل ڪيو ويو هو، اسان ان جا قائل ناهيون، اهڙن حڪمرانن جي هٿان بيعت لاءِ تيار ناهيون، اهڙن حڪمرانن سان جهيڙو آ. هن چيو ته سال اڳ آئين ۾ ترميم ٿي، 26هين ترميم لاءِ مهيني کان وڌيڪ ڳالهيون ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو، ترميم ۾ وياج کي ختم ڪيو، ديني مدرسن جي رجسٽريشن جو فيصلو ورتو، وفاقي شرعي عدالت کي مضبوط ڪرڻ، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي سفارشن کي اسيمبلي ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو پر اڄ تائين ڪا رپورٽ پيش ناهي ٿي. ان مان حڪمرانن جي بدنيتي ظاهر ٿئي. سندس چوڻ هو ته سال اڳ توهان وٽ 2 ڀاڱي 3 اڪثريت نه هئي ته هاڻي ڪيئن اچي وئي؟ اوهان ميمبر خريد ڪيا آهن، اوهان انهن جا هٿ مروڙيا آهن ۽ جبر جي بنياد تي اڪثريت ٺاهي آهي. جنس تبديلي، 18 سالن کان گهٽ عمر جي شادي بابت قانونسازي کي رد ڪريون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.