ڪراچي (رپورٽر) ڪي ايم سي جي سڀ کان وڏي اسپتال عباسي شهيد اسپتال ۾ بجلي جي نظام ۾ فني خرابي سبب اسپتال جي مختلف شعبن ۾ ڪم سخت متاثر ٿي رهيو آهي. ذريعن موجب گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري خرابي سبب خاص طور تي ٻارن جي وارڊ ۾ ڳنڀير صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، جتي بجلي تي هلندڙ اهم طبي سامان صحيح نموني ڪم نٿو ڪري سگهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻارن جي وارڊ ۾ موجود 21 انڪيوبيٽرن مان 15 بند ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ڪيترائي وينٽي ليٽر به ڪم ڪرڻ ڇڏي ويا آهن. ان صورتحال سبب تازو ڄاول لاءِ صورتحال ڳنڀير آهي جتي کين آءِ سي يو ۾ رکڻ بدران واپس موڪليو پيو وڃي. ڪيترن ڏينهن کان بجلي تي هلندڙ ٻيو سامان به خراب ٿي رهيو آهي. اسپتال انتظاميا موجب ڪي اليڪٽرڪ طرفان اسپتال کي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي، پر اندروني فني خرابي سبب فالٽ پيدا ٿيو آهي. عباسي شهيد اسپتال جي ڊائريڪٽر فيصل صمداڻي جو چوڻ آهي ته بجلي جي خرابي گذريل ڏينهن کان آهي ۽ مرمتي ڪم جاري آهي. ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته عباسي شهيد اسپتال ۾ فالٽ اندروني نوعيت جو آهي.