شهري جو شناختي ڪارڊ جاري نه ٿيڻ تي نادرا کي نوٽيس

ڪراچي( رپورٽر) 64 ورهين جي شهري ۽ سندس پٽ جو شناختي ڪارڊ جاري نه ٿيڻ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ نادرا کي نوٽيس جاري ڪندي 4 هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو،شهري شهاب الدين ۽ پٽ انيس جو سڃاڻپ ڪارڊ جاري نه ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي،  درخواستگذار جي وڪيل چيو ته درخواست گذار شهاب الدين جي پيدائش 1959ع ۾ ٿي هئي، هن وٽ بي فارم ۽ ٻيا ضروري دستاويز به موجود آهن, اڳ ۾ شناختي ڪارڊ جاري ڪيا ويا هئا، جيڪي بعد ۾ بلاڪ ڪيا ويا، درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته شناختي ڪارڊ نه هجڻ سبب سندس ٻارن جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.