ميونسپل ڪمشنر ڪراچي افضل زيدي کي گرفتار ڪريو: نجمي عالم

ڪراچي(م ڊ)ڪراچي ايئرپورٽ تي ميونسپل ڪمشنر ڪراچي جي جهاز مان آف لوڊ ٿيڻ جي معاملي تي، پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ وزيراعليٰ سنڌ جي ڪچي آبادي بابت صلاحڪار نجمي عالم سخت ردعمل ڏيندي ميونسپل ڪميشنر افضل زيدي کي جيل ۾ وجهڻ جو مطالبو ڪيو آهي۔نجمي عالم نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته،افضل زيدي ڪي ايم سي ۾ ڪرپشن ڪئي آهي ۽ ڪراچي سان ظلم ڪيو آهيهن چيو ته،جيڪو به شخص افضل زيدي جي حمايت ڪندو، ان کي به ڪرپشن ۾ شريڪ سمجهيو ويندو۔ افضل زيدي کي ڪنهن صورت معاف نه ڪيو وڃي۔”پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ٻڌايو ته،سوشل ميڊيا تي افضل زيدي بابت وائرل ٿيندڙ آڊيو ميسيج پڻ هن  جي ئي آهي۔”ٻئي پاسي، نجمي عالم جي الزامن تي ڪي ايم سي جي ميڊيا آفيسر ردعمل ڏيڻ کان انڪار ڪيو، جڏهن ته افضل زيدي سان پڻ موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر هن ڪنهن بيان کان پاسو ڪيو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.