اسلام آباد(ابصار عالم)سڀ کان پهريون ۽ عام مسئلو هي آهي ته پاڪستان هڪ نئون ۽ انتهائي حساس دفاعي معاهدو ڪيو آهي. پاڪستان مستقبل ۾ ڪهڙن ڪهڙن ملڪن سان اهڙا معاهدا ڪرڻ وارو آهي؟پاڪستان ليبيا سان لڳ ڀڳ ساڍا چار ارب ڊالرن جو دفاعي معاهدو ڪيو آهي،هي پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو دفاعي برآمدي معاهدو آهي.پاڪستان هاڻي انهن ملڪن ۾ شامل ٿي ويو آهي جيڪي هٿيار برآمد ڪن ٿا.هي پهريون دفعو ناهي،جي ايف 17جهاز ميانمار، نائيجيريا استعمال ڪري رهيا آهن،آذربائيجان، عراق، سوڊان کي به ڏنا ويا آهن هاڻي ليبيا کي 16 JF-17 بلاڪ ٿري ملندامعيشت اصل طاقت آهي پر اها فوجي طاقت مضبوط معيشت کان سواءِ هلي نٿي سگهي. جي ڊي پي، زر مبادله جا ذخيرا، روزگار،اهي سڀ اهم آهن.دفاعي صنعت وڌڻ سان:روزگار وڌندونئين آمدني جا ذريعا پيدا ٿينداغربت گهٽ ٿيندي ڪيترائي ملڪ پاڪستان سان دفاعي معاهدا ڪرڻ چاهين ٿا، پر سوال اهو آهي ته ڇا اسان وٽ ايتري گنجائش آهي جو سڀني کي تحفظ ڏئي سگهون؟جواب آهي ته صرف مضبوطمعيشت سان.معيشت لاءِ ضروري آهي عدالتي نظام ۾ سڌارن جي سخت ضرورت آهي،بدقسمتي سان،عدليه تي سخت تنقيد ڪئي وئي آهي،انصاف ۾ ديرڪرپشن طاقتور مافيا عام ماڻهو کي سالن تائين انصاف نه ملڻ پنجاب ۾ ملڪيت بابت آرڊيننس کي معطل ڪرڻ تي عوام سخت ناراض آهي.سوشل ميڊيا کي ملڪ جي بهتري بدران ذاتي ۽ گروهي مفادن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.الله ريجنل پاور بڻجڻ جو.پاڪستان کي هڪ موقعو ڏنو آهي.