ملڪ جي سڀ کان وڏي صنعتي اداري پاڪستان اسٽيل مل جيڪا ملڪي ترقي ۾ پنهنجو شاندار معاشي ڪردار ادا ڪيو، هن اداري جو زوال سياسي مداخلت، اقربا پروري ۽ بيڊ گورننگ سميت مل جي رکوالي تي معمول سڪيورٽي ادارا ڀاڱي ڀائيوار هئا، هن اداري کي برباد ڪرڻ ۾ جن قوتن جو هٿ هو تن کي نروار ڪرڻ ملڪ جي تحقيقاتي ادارن جو ڪم هو پر بدقسمتي سان جيڪو ڪم انهن کي ڪرڻ گهربو هو اهو ڪرڻ جي جرئت ڪري نه سگهيا، هونئن ته پاڪستان اسٽيل مل مان ڪنهن به دور ۾ چوري روڪجي نه سگهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ اسٽيل مل ٻاهران جهنگ ۾ پورهيت نوجوان صادم چانڊيو ۽ سندس ساٿي آزاد جروار پنهنجي معمول مطابق ڪاٺيون ڪرڻ ويا، اسٽيل مل جي سيڪيورٽي انچارج کين گولين جو کاڄ بڻايو، جنهن سبب صادم چانڊيو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو جڏهن ته آزاد جروار زخمي ٿي پيو ان واقعي جي خبر سوشل ميڊيا تي جهنگ ۾ باهه جيان پکڙجي وئي ته سيڪيورٽي انتظاميا اهو ڄاڻايو ته هو نامي گرامي چور هئو ۽ پاڪستان اسٽيل مل جي سيڪيورٽي عملي سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ مارجي ويو، پر حقيقت اها آهي ته سندن وارثن بن قاسم پوليس اسٽيشن پهچي بيگناهه مارجي ويل صادم چانڊيو جي قتل جي فرياد لاءِ چار ڪلاڪن کان وڌيڪ حد جي ايس ايڇ او فيصل رفيق کي منٿون ڪندا رهيا ته قاتلن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪجي، مقتول جي والد اڪبر چانڊيو جنهن جو تعلق ضلعي لاڙڪاڻي جي باڊهه شهر سان آهي، ساڻس جڏهن صحافين رابطو ڪيو ته تڏهن خبر پئي ته هي مقابلو نه پر هڪ طرفو قتل آهي.
بن قاسم پوليس ايف آءِ آر داخل ڪئي، ايف آءِ آر ۾ اسٽيل مل سيڪيورٽي جي جنرل مئنيجر دائود ڪياني جنهن تي اڳ ۾ ئي ڪيتريون ئي ايف آءِ آرز داخل آهن ۽ هو جيل ياترا به ڪري چڪو آهي ۽ هڪ سندس سيڪيورٽي گارڊ وقار ڀٽي کي پڻ نامزد ڪيو ويو آهي. جڏهن ته دائود ڪياني ۽ عثمان گجر رپورش ڄاڻايا ويا آهن، روپوش جوابدار پنهنجي گرفتاري کان اڳ عبوري ضمانت لاءِ ملير جي عدالت ۾ پهچي ويا. تعجب جي ڳالهه اها آهي ته پوليس آخرڪار قتل جي اصل ماسٽر مائينڊ خلاف اثرائتا قدم کڻي کين گرفتار ڇو نٿي ڪري؟
مقتول پورهيت جا وارث پنهنجي نوجوان پٽ صادم چانڊيو جي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ لاءِ انصاف جا منتظر آهن. سنڌ حڪومت بيگناهه پورهيت جي خون سان انصاف ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري ۽ انهن جي مالي سهائتا ڪري ته جيئن ڏکايل خاندان کي ڪو سهارو ملي سگهي.