پاڪستان ۾ فائيو جِي سروسز شروع ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت ملڪ ۾ جلد فائيو جي سروسز شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
آءِ ٽي وزير شزا فاطمه ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جلد پاڪستان ۾ فائيو جي متعارف ٿي ويندو، ايندڙ چئن کان ڇهن مهينن اندر سمورو عمل مڪمل ڪيو ويندو.
شزا فاطمه چيو ته انٽرنيٽ ئي سڄي ڊجيٽل نظام جي بنياد آهي، انٽرنيٽ جي اسپيڊ سان گڏ ان تائين پهچ به وڌائينداسين.
هن چيو ته ڇهه سئو ميگا هرٽز اسپيڪٽرم جي آڪشن ڪرڻ وارا آهيون، ڪوشش آهي ته فيبروري 2026ع جي پهرئين هفتي ۾ آڪشن مڪمل ڪري وٺون.
ان کانسواءِ هن ٻڌايو ته اسپيڪٽرم ايڊوائزري ڪميٽي جي سفارشن کي جلد ڪابينا ۾ پيش ڪنداسين، ٽيليڪام سيڪٽر سميت ٻين ڌرين سان مشاورت يقيني بڻائي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.