خيبرپختونخوا ۾ پوليس وين تي حملو، پنج اهلڪار شهيد، جوابي ڪارروائي ۾ اٺ دهشتگرد ماريا ويا

ڪرڪ (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي شهر ڪرڪ جي علائقي گُرگُري ۾ پوليس موبائيل وين تي دهشتگردن حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ پنج اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ اٺ دهشتگرد مارجي ويا.
ڊسٽرڪٽ پوليس ڪرڪ ۽ سي ٽي ڊي ڪوهاٽ ريجن جي آفيسرن ۽ جوانن واقعي واري هنڌ پهچي دهشتگردن جو پيڇو ڪيو، شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ اٺ دهشتگرد ماريا ويا.
مارجي ويل دهشتگردن مان هڪ جي سڃاڻپ عارف عرف ڊان جي نالي سان ٿي، جيڪو علائقي ۾ دهشتگرداڻين سرگرمين ۾ ملوث ۽ گهربل هو.
شهيد پوليس اهلڪارن ۾ هيڊ ڪانسٽيبل شاهد زمان، ڪانسٽيبل عارف، سميع الله، صفدر ۽ محمد ابرار شامل آهن.
ڊي پي او ڪرڪ سعود موجب، ثبوت گڏ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي.
پوليس طرفان دهشتگردن جي سهولتڪارن خلاف به گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي ۽ علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي، پوليس فورسز عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي.
ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف پوليس موبائيل تي حملي جي سخت مذمت ڪندي پوليس اهلڪارن جي شهادت تي افسوس ۽ شهيدن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوليس هميشه پهرئين دستي جو ڪردار ادا ڪيو آهي، قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي، ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهيون.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪرڪ ٿاڻي گرگري جي حدن ۾ پوليس گاڏيءَ تي فائرنگ واري واقعي جي مذمت ڪندي پنج پوليس اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.
هن فرض جي ادائيگي دوران جان قربان ڪندڙ شهيد پوليس اهلڪارن کي ڀيٽا پيش ڪئي، جڏهن ته پوليس اهلڪارن جي پونئرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو.
هن چيو ته شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، رياست پوري قوت سان جواب ڏيندي.
خيبرپختونخوا جي گورنر ۽ وڏي وزير سميت اهم سياسي ۽ سماجي شخصيتن طرفان به حملي جي مذمت ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.