لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو، مريم نواز جي حڪومت لاءِ نئين ڏکيائي؟

اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) پنجاب پراپرٽي آرڊننس تي عملدرآمد لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس روڪي ڇڏيو آهي. عدالت طرفان خدشو ظاهر ڪيو ويو ته جڏهن زمينن بابت ڪيس سول عدالتن ۾ هلندڙ آهن ته روينيو آفيسر ڪيئن عملدرآمد ڪرائي سگهي ٿو. ان حوالي سان تجزئي نگار منيب فاروق چيو آهي ته آرڊننس تحت زمين جي مالڪي بابت درخواست،دستاويزن جي جاچ ۽ آزاد تصديق جو طريقو مقرر ڪيو ويو هو، جنهن ۾ جعلي دعويٰ تي سزا به شامل هئي. روينيو رڪارڊ ذريعي جعلي قبضا ختم ڪري اصل مالڪن کي فائدو ڏنو ويو. ٻئي پاسي سول عدالتن ۾ اهڙا ڪيس 10-10 سالن تائين التوا جو شڪار رهندا آهن، جڏهن ته آرڊننس سان ڪيترن متاثر ماڻهن کي جلد انصاف مليو. عملدرآمد روڪڻ سبب هاڻي قبضا ختم ڪرائڻ ۽ متاثر ماڻهن کي رليف ڏيڻ جو عمل متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. چيف جسٽس عاليا نيلم صاحبا ٻڌائي ته هاڻي ماڻهو ڪيڏانهن ويندا؟ ڇو ته ڪاغذن جي تصديق جو عمل ته وري به سرڪاري کاتي يعنيٰ روينيو عملدارن کي ڪرڻو هوندو آهي. ٻئي پاسي تجزئي نگار گوهر بٽ چيو آهي ته مريم نواز جي پنجاب ۾ گورننس جي ساراهه ڪئي پئي وڃي، جتي به وڃو، بهتري جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي. ٻئي پاسي پنجاب پراپرٽي اونرشپ آرڊيننس ذريعي غير قانوني قبضن کي ختم ڪري ماڻهن کي پنهنجا حق واپس ملي رهيا هئا، پر هاڻي لاهور هاءِ ڪورٽ ان تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو آهي. عوام کي پهرين قانون سان فوري ريليف ملي رهيو هو، پر عدالت جي حڪم کان پوءِ صورتحال تبديل ٿي وئي آهي. انصاف جي فراهمي ۾ دير نه ٿيڻ گهرجي، ڇو ته دير سان انصاف ملڻ عوام جي اعتماد تي اثر انداز ٿئي ٿو. مريم نواز لاءِ اهي چئلينج آهن پر ڏسون ٿا هو انهن کي ڪيئن منهن ڏئي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.