ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ مسلسل واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ هزارين رپين جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولون سون 8500 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 4 لک 70 هزار 862 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون جي قيمت 7288 رپيا واڌ سان 4 لک 3 هزار 688 رپيا آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جو اگهه 85 ڊالر اضافي سان 4485 ڊالر آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن به في تولو سون 6200 رپيا مهانگو ٿيو هو.
You might also like