ڊيرا مراد جمالي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، ماءُ ۽ پٽ قتل

جيڪب آباد (ڊ ر) ڊيرا مراد جمالي ٿاڻي جي حد ڊي سي آفيس روڊ وٽ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيس سامهون ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ ماءُ ۽  پٽ سخت زخمي ٿي پيا جن کي فوري طور تي ڊيرا مراد جمالي جي سول اسپتال پهچايو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي ٻئي نوجوان ۽ سندس امڙ فوت ٿي ويا، قتل ٿيل ماءُ ۽ پٽ ٻڌايا پيا وڃن، مقتول نوجوان جي ضمير احمد ولد امير بخش ۽ عورت جي صبيحه بي بي رڏ نالي سڃاڻپ ٿي، مقتول عورت ۽ نوجوان جو تعلق منجھو شوري ڳوٺ پريل رند سان ٻڌايو پيو وڃي وڃي ،ڊيرامراد جمالي سٽي ٿاڻي جي پوليس موجب آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.