دبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم ايشيا ڪپ 2025ع کٽڻ کانپوءِ جشن کي يادگار بڻائي ڇڏيو.
دبئي ۾ ڀارت کي 191 رنسن تان عبرتناڪ شڪست ڏيڻ کانپوءِ پاڪستان جي نوجوان ڪرڪيٽرن ڀارتي فلم” ڌُرنڌَر “ جي مشهور گيت ”FA9LA“ تي رقص ڪيو.
پاڪستاني رانديگرن جي جي ڊانس واري وڊيو ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي، جيڪا تيزيءَ سان وائرل ٿي وئي.
وائرل وڊيو ۾ خوشيءَ سان سرشار رانديگر گيت تي جُهمر هڻي رهيا آهن، ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل وڊيو جي ڪيپشن ۾ لکيو ته ” توهان ڪوشش ڪيو پر اڄوڪي رات هي ڇوڪرا ماٺ ڪري نه ويهندا.“
واضح رهي ته ويجهڙائي ۾ رليز ٿيندڙ ڌُرنڌَر جو گانو پنهنجي مقبوليت سبب سڄي دنيا ۾ ٽرينڊ ڪري رهي آهي.