مهذب معاشرن ۾ گاريون ڏيڻ کي غلط ۽ چڙ ڏياريندڙ رويو سمجهيو ويندو آهي پر نئين تحقيق موجب اهو عمل فائديمند آهي.
اها منفرد تحقيق تازو ئي ڪئي وئي، جنهن ۾ نفسيات جي ماهرن مختلف سوچ رکندڙ ماڻهن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ اهو نتيجو ڪڍيو ته مخصوص حالتن ۾ گاريون ڏيڻ انساني صحت ۽ ڪارڪردگي لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو.
جرنل ”امريڪن سائڪولوجسٽ“ ۾ ڇپيل هن تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گارگند هڪ اهڙو ”ڪيلوري نيوٽرل” طريقو ٿي سگهي ٿو، جيڪو ماڻهن جي جسماني سرگرمين کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو.
برطانيا جي ڪيلي يونيورسٽي جي نفسياتي ماهر رچرڊ اسٽيفنز ۽ سندس ساٿين هڪ تجربو ڪيو، جنهن ۾ 192 ماڻهن جو جائزو ورتو ويو ۽ انهن کي ٻن الڳ ٽولن ۾ ورهايو ويو.
اسٽيفنز هڪ ٽولي کي چيو ته هو پش اپس لڳائيندي هر ٻن سيڪنڊن کان پوءِ پنهنجي پسند جي ڪا هڪ گار ڏين، جڏهن ته ٻئي ٽولي کي چيو ويو ته هو ڪو غير جانبدار لفظ استعمال ڪن.
مقرر وقت پورو ٿيڻ کان پوءِ جڏهن نتيجا سامهون آيا ته معلوم ٿيو ته جن ماڻهن گاريون ڏنيون هيون، اهي پنهنجي جسماني وزن کي انهن ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ دير تائين سهارو ڏئي سگهيا، جن غير جانبدار لفظ استعمال ڪيا هئا.
تحقيق جي نتيجن تي راءِ ڏيندي اسٽيفنز چيو ته ڪيترين ئي حالتن ۾ ماڻهو شعوري يا لاشعوري طور پنهنجي پوري سگهه استعمال ڪرڻ کان ڪيٻائين ٿا، اهڙي صورتحال ۾ گار يا سخت لفظن جو استعمال اهڙو طريقو آهي، جنهن سان ماڻهو پاڻ کي وڌيڪ بااعتماد ۽ پرعزم محسوس ڪري ٿو ۽ اهو ئي جذبو کيس مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو.
You might also like