اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد پ پ جي مقامي اڳواڻ راجا ناصر حنيف سميت 4 ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ 12 جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
عدالت چيو ته مقتول راجا ناصر حنيف ۽ جوابدارن وچ ۾ ملڪيت جو تڪرار هو، جنهن جي نتيجي ۾ اهو واقعو پيش آيو.
اسلام آباد جي عدالت 12 جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته 3 جوابدارن کي عدم شاهدين جي بنياد تي آجو ڪيو ويو.
عدالت واضح ڪيو ته سڀني جوابدارن گڏيل طور چئن ڄڻن جي قتل ۾ حصو ورتو، جنهن جي ڏوهه ۾ کين سزا ٻڌائي وئي آهي.
واضح رهي ته جوابدارن فائرنگ ڪري راجا ناصر حنيف، هارون قدير، عدنان ۽ عمران کي قتل ڪيو هو.
You might also like