اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته ڀارتي ٽيم جي رويي بابت آءِ سي سي کي آگاهه ڪيو ويندو.
انڊر 19 ايشيا ڪپ جي فاتح ٽيم جي مان ۾ وزيراعظم طرفان ڏنل مانجهاندي دوران ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته ڪالهه به ڀارتي رانديگر اسان جي ڪرڪيٽرن کي چڙ ڏياريندا رهيا.
هن چيو ته سياست ۽ ڪرڪيٽ کي الڳ رکڻ گهرجي، پر ڀارتي ٽيم ائين نه ڪيو.
واضح رهي ته پاڪستان انڊر 19 ٽيم ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ ڀارت کي شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو، جنهن کان پوءِ وطن واپسي تي ٽيم جي شاندار آجيان ڪئي وئي.
ڀارتي ڪرڪيٽرن اسان جي رانديگرن کي چڙ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي، آءِ سي سي کي دانهن ڏيندس: محسن نقوي
You might also like