لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عاليا نيلم هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف سيڪريٽري پنجاب کي مخاطب ٿيندي ريمارڪس ڏنا ته توهان عدالتي بالادستي کي ختم ڪري ڇڏيو، جيڪڏهن توهان جو وس هلي ها ته آئين به معطل ڪري ڇڏيو ها.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پنجاب پراپرٽي آنرشپ آرڊيننس خلاف داخل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس عاليا نيلم، عابده پروين سميت ٻين جون درخواستون ٻڌيون.
عدالت پنجاب پراپرٽي آنرشپ آرڊيننس تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو، سمورين درخواستن تي اعتراض ختم ڪري فل بينچ ٺاهڻ جي سفارش ڪئي وئي، عدالت آرڊيننس تحت ڏنل قبضا به واپس ڪرائي ڇڏيا.
عدالتي حڪم تي چيف سيڪريٽري پنجاب عدالت ۾ پيش ٿيو، چيف جسٽس عاليا نيلم ريمارڪس ڏنا ته حڪومت کي ٻڌايو ته جيڪڏهن هي قانون باقي رهيو ته جاتي امرا به اڌ ڪلاڪ ۾ نڪري ويندو.
عدالت سرڪاري وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ايڊووڪيٽ جنرل ڇو نه آيو؟ سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب بيمار آهن، تنهن ڪري پيش نه ٿي سگهيو، ان تي چيف جسٽس چيو ته مان به بيمار آهيان، مون کي بيڊ ريسٽ جي صلاح ڏني وئي آهي پر پوءِ به هتي ويٺي آهيان.
چيف جسٽس چيو ته چيف سيڪريٽري صاحب! لڳي ٿو توهان هي قانون پڙهيو ئي ناهي؟ لڳي ٿو ڪجهه ماڻهن جي خواهش آهي ته سڀ اختيار انهن کي ڏنا وڃن، هي قانون ڇو ٺاهيو ويو آهي؟ ان جو مقصد ڇا آهي؟
عدالت سوال ڪيو ته معاملو سول ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ هجي ته روينيو آفيسر ڪيئن قبضو ڏياري سگهي ٿو؟
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته توهان سول سيٽ اپ، سول رائٽس کي ختم ڪري ڇڏيو، توهان عدالتي سپرميسي کي ختم ڪري ڇڏيو، توهان جو وس هلي ها ته آئين کي به معطل ڪري ڇڏيو ها.
Prev Post
ڀارتي ڪرڪيٽرن اسان جي رانديگرن کي چڙ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي، آءِ سي سي کي دانهن ڏيندس: محسن نقوي
Next Post
You might also like