لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي مقامي عدالت ڊراما نگار خليل الرحمان قمر جي نامناسب وڊيو وائرل ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوابدار آمنه عروج جي اين سي سي آءِ اي تحت داخل ڪيل ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
عدالتي فيصلي موجب جوابدار آمنه عروج جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ڪيس هڪ سال ٽي مهينا دير سان داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ جوابدار جو ڪو به ڪردار ناهي ۽ ڪيس سزا جي معطلي کانپوءِ داخل ڪيو ويو.
ٻئي پاسي پراسيڪيوٽر عدالت کي آگاهه ڪيو ته جوابدار آمنه عروج وڊيو ٺاهڻ ۽ ان کي وائرل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته ٻين گڏيل جوابدارن کي رڳو سهولتڪار طور نامزد ڪيو ويو آهي.
فيصلي ۾ عدالت چيو ته جوابدار خلاف رڪارڊ تي ڪافي ثبوت موجود آهن ۽ قلم 497 تحت داخل ڪيس ضمانت نه ٿيڻ جوڳو آهي، ان بنياد تي عدالت آمنه عروج جي ضمانت جي درخواست خارج ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته خليل الرحمان قمر کي مبينا طور اغوا ڪرڻ جي ڪوشش وارو معاملو جولاءِ جي شروعات ۾ سامهون آيو هو، جنهن تي پوليس ڪارروائي ڪندي اٽڪل سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو هو، ان کانپوءِ ڊراما رائيٽر جون آمنه عروج سان نازيبا وڊيوز به ليڪ ٿي ويون هيون.
خليل الرحمان قمر 15 جولاءِ تي ڦرلٽ ۽ اغوا جي واردات جي ايف آءِ آر 21 جولاءِ تي لاهور جي سندر ٿاڻي تي داخل ڪرائي هئي، جنهن موجب هڪ عورت کيس ڊرامو پروڊيوس ڪرڻ جي آڇ جي بهاني سڏايو، جتي هٿياربندن کائنس رقم ڦري، اغوا ڪيو ۽ سندس فون مان ڊيٽا به ڪاپي ڪري ورتي.
ايف آءِ آر ۾ خليل الرحمان قمر ڄاڻايو هو ته 15 جولاءِ جي رات 12 وڳي کيس هڪ اڻڄاتل نمبر تان ڪال آئي، ڪال ڪندڙ عورت پنهنجو نالو آمنه عروج ٻڌايو ۽ چيو ته مان توهان جي وڏي مداح آهيان، انگلينڊ کان آئي آهيان ۽ توهان سان ڊرامو ٺاهڻ چاهيان ٿي، ان کانپوءِ عورت بحريه ٽائون جي لوڪيشن موڪلي، جتي هو 4 لڳي 40 منٽن تي پهتو.
خليل الرحمان قمر پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته جوابدار زبردستي کانئس فون جو پاسورڊ ورتو، فون جي ڊيٽا پنهنجي فونز ۾ منتقل ڪئي ۽ کيس تشدد جو نشانو بڻايو.
هن وڌيڪ چيو ته انهي دوران هڪ جوابدار سندس اي ٽي ايم ڪارڊ کڻي ويو ۽ بندوق جي زور تي پاسورڊ پڇي اي ٽي ايم مشين مان ٻه لک 67 هزار رپيا ڪڍرايا ۽ چيو ته کيس مارڻ جو حڪم آهي، جڏهن ته هڪ ڪروڙ رپين جو مطالبو پڻ ڪيو ويو.
You might also like