ممبئي (ويب ڊيسڪ) ليجنڊري ڀارتي اداڪار ڌرميندر جي ديهانت جي اٽڪل هڪ مهيني بعد سندس پٽ ۽ مشهور اداڪار سني ديول پيءُ جو وفات کان اڳ رڪارڊ ڪيل هڪ جذباتي وڊيو پيغام سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏي.
سني ديول اها وڊيو پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي جاري ڪئي، جنهن ۾ ڌرميندر پنهنجي آخري فلم ”اڪيس“ جي شوٽنگ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ خيالن جو اظهار ڪندي نظر اچي ٿو.
وڊيو ۾ سورڳواسي اداڪار فلم جي ٽيم ۽ پروڊڪشن هائوس ميڊاڪ فلمز سان ڪم ڪرڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي.
ڌرمينڌر جو چوڻ هو ته ”ميڊاڪ فلمز سان ڪم ڪري مون کي ڏاڍي خوشي ٿي، پوري ٽيم ۽ ڪپتان شري رام جي فلم کي تمام خوبصورت انداز سان مڪمل ڪيو آهي، مان سمجهان ٿو هيءَ فلم ڀارت ۽ پاڪستان ٻنهي ۾ ڏسڻ گهرجي.“
وڊيو ۾ فلم ”اڪيس“ جي سيٽ تي ڪاسٽ ۽ ڪريو جا الوداعي لمحا به شامل آهن.
ڌرميندر شوٽنگ جي آخري ڏينهن بابت ڳالهائيندي چيو ته ” اڄ شوٽنگ جو آخري ڏينهن آهي، تنهنڪري دل ٿوري اُداس آهي.“
ان کانپوءِ هن پنهنجي مداحن کي انتهائي جذباتي پيغام ڏنو، جنهن ۾ محبت جو اظهار ڪندي معافي به گهري.
هن چيو ته ”مان توهان سڀني سان محبت ڪريان ٿو، جيڪڏهن ڪڏهن ڪا ڳالهه يا غلطي ٿي هجي ته ان لاءِ معاف ڪري ڇڏجو.“
وڊيو سان گڏ سني ديول ڪيپشن ۾ لکيو ته ” هڪ مُرڪ، جيڪا اونداهه کي به روشن ڪري ڇڏيندي هئي، منهنجي پاپا پنهنجي آخري فلم ”اڪيس“ جي صورت ۾ هڪ تحفو ڏنو. اچو ته نئين سال تي سئنما گهرن ۾ کيس ڀيٽا پيش ڪيون.
واضح رهي ته ڌرميندر جي آخري فلم ”اڪيس“ پهرين جنوري 2026 تي رليز ٿيندي.
ياد رهي ته ليجنڊري اداڪار ڌرميندر 24 نومبر 2025 تي ممبئي ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي89 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو.
You might also like