نوري آباد ڀرسان ڪار نه روڪڻ تي سول ڪپڙا پهريل پوليس جي فائرنگ، نوجوان مارجي ويو

ڄامشورو (ڊر) نوري آباد ڀرسان ايس ايڇ او جي مبينا فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو آهي، جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي، نوري آباد ۾ ايس ايڇ او ۽ سندس ٽيم پرائيوٽ ڪار ۾ چيڪنگ دوران ڪرولا ڪار کي روڪيو، نه روڪڻ تي سندس پيڇو ڪري مٿن فائرنگ ڪئي، فائرنگ سبب ڪار ٽرالر سان ٽڪرائجي فوٽ پاٿ تي بيهجي وئي، نتيجي ۾ 18 ورهين جو نوجوان حميد بروھي ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏھن ته آصف بروھي زخمي ٿي پيو. نوجوان جو لاش ۽ زخمي کي تعلقي اسپتال ڪوٽڙي منتقل ڪيو ويو، زخمي نوجوان ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ڪراچي کان ٽنڊو آدم شادي تي پئي وياسين ته پرائيوٽ ڪار ۾ سول ڪپڙا پھريل ماڻھن ھٿيار ڏيکاري روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان سمجھوسين ته ڪي ڦورو آھن، جنهنڪري گاڏي نه روڪي، جنھن تي پٺيان گاڏي ڀڄائي اچي ٺوڪي وئي، گاڏي ۾ ايس ايڇ او نوري آباد سليمان لاشاري سوار ھو، جيڪو زخمي ھئڻ باوجود بنا جواز تشدد ڪندو رھيو ۽ سخت زخمي نوجوان حميد بروهي کي کڻڻ نه ڏنو ويو، جنھن سبب ھو تڙپي فوت ٿيو، بعد ۾ علائقي واسين جي مداخلت تي اسين لاش اسپتال کڻائي پھتا آھيون، جڏھن ته گاڏي، موبائيل فون ۽ پئسا پوليس وٽ آھن. ھنن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪندي چيو ته معاملي جو نوٽيس ايس ايڇ او سليمان لاشاري ۽ سندس ٽيم خلاف ڪارروائي ڪري نوجوان جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

  1. مون ڪنهن جو پيڇو ناهي ڪيو نه ئي فائرنگ ڪئي

ڄامشورو:  رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او نوري آباد سليمان لاشاري الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته مون نه ڪنهن جو پيڇو ڪيوآهي ۽ نه ئي فائرنگ ڪئي آهي، ڪار تيز رفتاري سبب فُٽ پاٿ سان ٽڪرائجي وئي، جنهنڪري حادثو پيش آيو، اها ڪار منهنجي گاڏي ڀرسان تيز رفتاري سان وئي، ذري گهٽ مون سان به حادثو پيش آيو پئي، پر الله محفوظ رکيو، نوجوان کي قتل ڪرڻ وارا الزام ڪوڙا آهن، معاملي جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي. ٻئي طرف ايس ايس پي ڄامشورو محمد صديق ڇانگا معاملي جو نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او نوري آباد سليمان لاشاري کي معطل ڪندي ڄامشورو پوليس لائين رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ واقعي جي جاچ لاءِ ڊي ايس پي ڪوٽڙي شاھنواز جوکيو کي جاچ آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ايس ايس پي ڄامشورو محمد صديق ڇانگا جو چوڻ آهي ته جاچ رپورٽ جي روشني ۾ قانوني ۽ کاتي وار ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي، ڪنهن به قسم جي غفلت يا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

  1. حيدرآباد ۾ قيدي نوجوان کي ڪرنٽ ۽ ڊرل مشين سان سوراخ ڪري مارڻ جو الزام، ڌرڻو

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ مبينا چوري الزام هيٺ گرفتار نوجوان کي بجلي جا ڪرنٽ ۽ ڊرل مشين جا سوراخ ڪري پوليس تي قتل ڪرڻ جو الزام مڙهي وارثن پاران لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو، حيدرآباد جي هوسڙي ٿاڻي جي حد ۾ 3 ڏينهن اڳ مبينا چوري واردات دوران فريادين ۽ پاڙي وارن پاران مارڪٽ ڪرڻ کانپوءِ نوجوان اسحاق پٺاڻ کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪرڻ بعد هو فوت ٿي ويو، فوت ٿي ويل اسحاق پٺاڻ جي وارثن فوتي جو لاش ايس ايس پي آفيس کانپوءِ ڪالھ ايمبولنس ۾ کڻائي حيدرآباد ڪلب سامهون رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي نوجوان اسحاق پٺاڻ جي ڀاءُ محمد يوسف، ايڊووڪيٽ محمد حسين پٺاڻ، رحيم شاهه۔ اقبال پٺاڻ ۽ ٻين چيو ته راجپوت برادري جي گهران مبينا چوري جي واقعي کانپوءِ راجپوت برادري جي ماڻهن سندن نوجوان اسحاق کي سوگهو ڪري حيدرآباد جي هوسڙي ٿاڻي جي پوليس حوالي ڪيو. جتي پوليس اسان جي نوجوان اسحاق پٺاڻ کي بجلي جا ڪرنٽ ڏنا ۽ ڊرل مشين جا سوراخ ڪري قتل ڪرڻ کانپوءِ لاش سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ۽ اسان کي ٻڌائڻ کانسواءِ اسان جي غيرموجودگي ۾ لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائي بعد ۾ اسان کي لاش ڏيڻ لاءِ گهرايو ويو، جيڪا پوليس جي کليل پوليس گردي آهي، اسان جي نوجوان جو ڪو ڏوھ هو ته ان کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ها ٿاڻي ۾ حراست دوران وحشياڻو تشدد ۽ قتل انسانيت جي خلاف عمل آهي. هنن چيو ته هوسڙي پوليس اسان جي نوجوان کي ٿاڻي ۾ قتل ڪرڻ کانپوءِ سول اسپتال کڻي وئي ۽ پنهنجي مرضي موجب لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي، نوجوان جي پوري جسم تي زخمن ۽ تشدد جا چٽا نشان آهن. جنهن مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته اسان جي نوجوان کي وحشياڻو تشدد ڪري قتل ڪيو ويو، هنن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

  1. سادا ڪپڙا پهري ڪارروائي ڪرڻ ڪٿان جو قانون آهي: سوشل ميڊيا

ڄامشورو: نوري آباد موٽر وي روڊ تي ايس ايڇ او سادن ڪپڙن سليمان لاشاري ۽ سندس ٽيم پرائيوٽ ماڻھن ساڻ ڪار ۾ چيڪنگ دوران ڪرولا ڪار کي روڪيو نه روڪڻ تيسندس پيچو ڪري گاڏي کي ٽڪر ھنيو جنھن جي نتيجي ۾ 18 سالا نوجوان حميد الله بروھي تڏي تي فوت ٿي ويو، جڏھن ته آصف بروھي شديد زخمي ٿي پيو زخمي نوجوان ميڍيا سان ڳالھائيندي چيو ته ڪراچي کان ٽنڊو آدم شادي تي پئي وياسين ته پرائيوٽ ڪار ۾ سول ڪپڙا پھريل ماڻھن ھٿيار ڏيکاري روڪڻ جي ڪوشش ڪئي اسان سمجھوسين ته ڪي ڦورو آھن گاڏي نه روڪي جنھن تي پٺيان گاڏي ڀڄائي ٽڪر ھنيو گاڏي ۾ ايس ايڇ او نوري آباد سليمان لاشاري سوار ھيو جيڪو زخمي ھئڻ باوجود بلاوجھ ڌڪ ھڻندو رھيو ۽ سخت زخمي نوجوان کي کڻڻ نه ڏنو ويو جنھن جنھن سبب ھو تڙپي فوت ٿيو بعد ۾ علائقي واسين روڊ تي ويندڙ گاڏين ڊرائيورن جي مداخلت تي اسين لاش اسپتال کڻائي پھتا آھيون، زخمي نوجوان جي بيان ۽ ايس ايڇ او پاران ٽيم سوڌو سادا ڪپڙا پهريل چيڪنگ ڪرڻ تي سوشل ميڊيا تي باهه ٻري وئي، سوشل ميڊيا واهپيدارن ايس ايڇ او جي گرفتاري ۽ سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪندي چيو ته هي ڪٿان جو قانون آهي ته سول ڪپڙا پهريا اوهان ڪارروايون ڪيو، نوجوانن کي لڳو هوندو ته اوهان ڦورو آهيو، پرائيويٽ گاڏي ۾ ويهي ڪارروائي ڪرڻ تي پوليس اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.