اسلام آباد(بيورو)چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته رياست کانسواءِ ڪنهن کي به جهاد جو حڪم يا فتويٰ جاري ڪرڻ جو اختيار حاصل ناهي۔قومي علما مشائخ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته الله تعاليٰ اسلامي ملڪن مان پاڪستان کي محافظِ حرمين هجڻ جو شرف عطا ڪيو آهي۔ رياستِ طيبه ۽ رياستِ پاڪستان جو پاڻ ۾ گهرو تعلق ۽ گهڻي مماثلت موجود آهي۔هن چيو ته رياستِ طيبه ۽ رياستِ پاڪستان جو قيام ڪلمو طيبه جي بنياد تي رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ ٿيو۔ ٻنهي رياستن ۾ اها مماثلت ان ڪري آهي، جو ربِ ڪائنات کين خادمِ حرمين ۽ اسان کي محافظِ حرمين بڻائڻ چاهيو۔هن چيو ته آپريشن “بنيان المرصوص” دوران الله تعاليٰ جي مدد کي ايندي ڏٺو ۽ محسوس ڪيو ويو۔فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته افغان طالبان جي پشت پناهي سان دهشتگردي ذريعي شهرين ۽ ٻارن کي نشانو بڻايو پيو وڃي۔ فتنه الخوارج جون جيڪي ٽوليون افغانستان مان اچن ٿيون، تن مان 70 سيڪڙو افغان آهن۔ افغانستان کي فتنه الخوارج ۽ پاڪستان مان ڪنهن هڪ جو انتخاب ڪرڻو پوندو۔هن وڌيڪ چيو ته جيڪي قومون پنهنجن اسلاف جي علمي ۽ فڪري ورثي کي ڇڏي ڏين ٿيون، اهي زبون حالي جو شڪار ٿي وڃن ٿيون، ۽ اهو ته رياست کانسواءِ ڪو به جهاد جو حڪم يا فتويٰ نٿو ڏئي سگهي۔