مسخ ٿيل آئين ملڪ کي ڪجهه نه ڏيندو:شاهد خاقان

اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته بدقسمتي اها آهي ته اڄ نه ميڊيا نه ئي پارليامينٽ ۾ اٿي سگهي ٿي،اسان ته جڊيشل ايڪٽوازم جو پٽڪو ڪريرهيا هئاسين هاڻي ته عدليه ئي نه رهي آهي،هن چيو ته اسان جتي به وڃون ٿا ماڻهو سوال ڪن ٿا ته ملڪي مسئلن جو حل ڪهڙو آهي؟هن چيو ته توهان معيشت،سياست،عدل جو نظام، ميڊيا، ڪاروبار ڏسو، نوجوان پريشان آهن،جيستائين قانون جي حڪمراني نه ٿيندي ملڪ ترقي نه ڪندو،هن چيو ته بنيادي حق بحال ڪيا وڃن،آئين تي عمل نٿو ٿئي،جنهن ملڪ ۾ انساني حق ئي نه هجن اهو ڇا ترقي ڪندو؟مسخ ٿيل آئين ملڪ کي ڪجهه نه ڏيندو،هن چيو ته مهانگائي ۽ ٽيڪسن ۾ اضافو ٿيو آهي پر 10 سالن ۾ پاڪستاني جي آمدني ۾ اضافو ناهي ٿيو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.