پاڪستان کي غزا ۾ غير ضروري فوجي مداخلت نه ڪرڻ گهرجي\ڪاشف سعيد

ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آھي ته غزا ۾ فوج موڪلڻ تي غور ڪرڻ ڪرائي جي قاتل جو ڪردار ادا ڪرڻ جي مترادف هوندو، پاڪستان ڪنهن به اهڙي فورس جو حصو نه بڻجي جنهن سان فلسطينين جي نسل ڪشي ۽ جنگي ڏوهن جو مرتڪب اسرائيل مضبوط ٿئي، حڪومت فلسطين جي آزادي واري تحريڪ کي ڪچلڻ جي ڪنهن به منصوبي کان پري رهي ۽ غزا لاءِ نام نهاد عالمي امن فورس جو حصو نه بڻجي. غزا بابت آمريڪا سان ٿيل ڪنهن به ڳجهي معاهدي جي حوالي سان قوم کي اونداهين ۾ نه رکيو وڃي. فلسطين ۾ جاري قتل عام تي گڏيل قومن سميت عالمي ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهن، جن جي جانبداري واضح آهي. ميڊيا رپورٽن موجب غزا ۾ 70 هزار 669 ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن، جڏهن ته هڪ لک 71 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن، پر انساني حقن جي دعويدار، گڏيل قومن سميت عالمي ادارن جي خاموشي انسان دشمني ۽ بي حسي جي انتها آهي، هڪ بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته  باني قائداعظم کان وٺي پاڪستان جي قيادت ۽ عوامي سطح تي هميشه اهو متفقه موقف رهيو آهي ته اسرائيل کي تسليم نه ڪيو ويندو ۽ فلسطيني عوام جي آزادي ۽ هڪ خودمختيار فلسطيني رياست جي قيام جي حمايت ڪئي ويندي، اسرائيل کي تسليم نه ڪرڻ واري موقف تي پوري پاڪستاني قوم متفق آهي ۽ هن اصولي موقف کي برقرار رکڻ نه صرف اخلاقي، پر قومي مفاد جي به عين مطابق آهي.جيڪڏهن پاڪستان غير ضروري طور غزا ۾ فوجي مداخلت ڪري ٿو ته اهو نه رڳو خطي ۾ تڪرار وڌائيندو، پر عالمي سطح تي به پاڪستان لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.