اسلام آباد (بيورو) حڪومت ملڪ جي سڀني سولر صارفين لاءِ نيٽ ميٽرنگ پاليسي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ذريعن موجب، نيٽ ميٽرنگ پاليسي کي نيپرا سولر صارفين قانون 2025” جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت کانپوءِ وزارت توانائي طرفان نئين پاليسي جي منظوري پڻ ڏني وئي آهي، نيپرا ذريعن موجب فوري طور نيٽ ميٽرنگ کان نيٽ بلنگ جو نظام متعارف ڪرايو پيو وڃي، نيٽ ميٽرنگ جي مد ۾ هاڻ سولر صارف کي اضافي سر چارج جي جاءِ تي في يونٽ بدلي ۾ ملندو، صارفين سان سولر معاهدي جو مدو 7 سالن کان گهٽائي 5 سالن ڪئي وئي آهي، جڏهن ته نئين سولر نيٽ بلنگ في يونٽ تقريبن 11 رپيا ٿيندي، جڏهن ته اڳوڻي نيٽ ميٽرنگ ۾ سولر صارف في يونٽ 25.98 رپيا فائدو وٺندو هو. هاڻي، 25 ڪلو واٽ کان گهٽ لوڊ لاءِ لائسنس نيپرا کان حاصل ڪرڻ لازمي هوندو.